Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                 صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! مڪو شريف هجي يا محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شهر مدينو پاڪ ٻئي انتهائي احترام ۽ تعظيم جي لائق جڳهون آهن، جن جي عظمت ۽ رِفعت ۽ شان ۽ شوڪت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته مڪي ۽ مديني کي ربّ ڪريم جن ظاهري ۽ باطني خوبين سان نوازيو آهي اهي ڪنهن ٻي شهر جي حصي ۾ نه آيون آهن ۽ ائين ڇو نه هجي جو مڪي شريف ۾ مسلمانن جي عقيدتن جو مرڪز بَيتُ الله شريف موجود آهي ۽ مدينَه منوَّره ۾ سَروَرِ عالم،نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نور وسائيندڙ مزارِ پُر انوار آهي۔اڄ اسان اِنْ شَآءَالله ڪعبي شريف جي شان ۽ عظمت ۽ حج جي فضيلتن ۽ برڪتن بابت بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، ياد رکو! مَڪي شريف ۾