Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

ٿي ويندو آهي ۔ (صراط الجنان،۲/۱۵،۱۶ ملتقطاً)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ولادتِ مصطفيٰ جو شهر

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! مڪي پاڪ ۽ ڪعبي شريف جون ٻيون به کوڙ خصوصيتون آهن، هڪ خصوصيت اها به آهي ته هي ئي اهو شهر آهي جتي تاجدارِ مڪه و مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت ٿي،  هي اهو ئي شهر آهي جتي جي گهٽين پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي مبارڪ قدمن کي چميو، هي اهو ئي شهر آهي جتي جي هوائن پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي مقدس پساهن کي چُميو آهي، هي اهو ئي شهر آهي جتي جي گهٽين ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي خوشبودار پگهر جي مهڪ ڦهليل آهي، هي اهو شهر آهي جتي جي خوش نصيب وڻن ۽ پٿرن پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي زيارت ڪئي آهي۔ هي اهو شهر آهي جتي پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مبارڪ ننڍپڻ ۽ جواني جون خوبصورت گھڙيون گذاريون آهن، هي اهو شهر آهي جتي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  نبوت جو اعلان فرمايو۔ هي اهو شهر آهي جتان کان حضور اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسلام جي تبليغ جي شروعات ڪئي آهي۔ ان ڪري اسان کي گھرجي ته هن مبارڪ شهر ۽ هن ۾ موجود بيتُ الله شريف جي محبت کي پنهنجي دل ۾ وڌايون، ۽ جڏهن مقدر دستگيري ڪئي ۽ ان شهر وڃڻ نصيب ٿئي ته هن جو خوب ادب ۽ احترام ڪريون ۽ هر طرح جي بي ادبي کان بچون، اچو! خانه ڪعبه جا ڪجھ آداب ٻڌون ٿا: * اسان کي گھرجي ته اسان ڪعبة الله ڏانهن پير نه ڪيون، * ان ڏانهن معاذ الله ٿُڪ نه اڇلايون،* ان ڏانهن منهن ڪري گرڙي نه ڪريون، * ان ڏانهن پٺي ڪرڻ کان بچون، * ڪعبي جي بي حُرمتي نه ڪريون، * ان جي باري ۾ بُرا لفظ زبان مان نه ڪڍون* مطلب ته ان جي هر طرح جي بي ادبي کان بچون،*ان سان خوب خوب محبت ڪريون۔ جيڪڏهن اسان انهن تمام ڳالهين تي عمل ڪرڻ