Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

روئان؟ شايد منهنجي روئڻ سبب الله مون تي رحمت جي نگاھ فرمائي ۽ مان   قيامت جي ڏينهن ان جي بارگاھ ۾ ڪامياب ٿي وڃان، پوءِ پاڻ بيتُ الله جو طَواف ڪيو ۽ مقامِ ابراهيم تي نماز پڙھي، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  سجدي مان مٿو کنيو ته سجدي واري جڳھ لڙڪ سان ڀريل هئي۔(رَوضُ الرَّياحين،الحڪاية الثانية والسبعون، ص۱۱۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ڏٺو ته حضرت امام عالي مقام حضرت سيدُنا امام حسين رَضِي الله عَنْه جي پوٽي جنابِ حضرت سيدُنا محمد بن علي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ڪهڙي ڪيفيت هئي، الله پاڪ انهن جي صدقي اسان کي به عبادتن ۾ اخلاص عطا فرمائي ۽ جيڪي عاشقانِ رسول حج جي سعادت ماڻن الله پاڪ سڀني کي حجِ مقبول جون سعادتون نصيب ڪري۔ عالم سڳورن مقبول حج جون ڪيئي نشانيون بيان ڪيون آهن، اچو انهن مان ڪجھ نشانيون اسان به ٻڌون ٿيون۔ جيئن

مقبول حج جون نشانيون

حُجَّةُ الاِسلَام حضرت سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: منقول آهي، حج جي قبول ٿيڻ جي هڪ نشاني اها به آهي ته حاجي جن نافرمانين ۾ پهريان مُبتَلا هو، انهن کي ڇڏي ڏئي ۽ پنهنجن بُرن دوستن کي ڇڏي نيڪوڪارن جي صحبت اختيار ڪري، راند روند ۽ غفلت ڀرين مجلسن کي ڇڏي ذِڪر ۽ فِڪر ۽ بيداري جون محفلون اختيار ڪري۔ (احياء العلوم،۱/۸۰۳) ٭ اعليٰ حضرت،امامِ اَهلسنت مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حجِ مَبرُور(مقبول حج) جي نشاني ئي اها آهي ته پهريان کان سٺو ٿي موٽي۔ (فتاويٰ رضويه،۲۴/۴۶۷) ٭ صدرُ الشَّريعه،بدرُ الطَّريقه حضرت علّامه مولانا مُفتِي محّمد اَمجَد علي اعظَمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:(حاجي کي گھرجي ته اهو) حاجت کان وڌيڪ زادِ راھ (سفري سامان) وٺي جو ساٿين جي مدد ۽ فقيرن تي صدقو ڪندو هلي، جو اها مقبول حج جي نشاني آهي۔(بهار شريعت، حصه ششم،۱/۱۰۵۱بتغير قليل) ٭ مشهور مُفَسِّر،