Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

ڪعبي کي قبلو بڻايو ويو۔ پوءِ پاڻصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز ئي ۾ ڪعبي شريف ڏانهن ڦري ويا، مسلمانن به حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ ان طرف منهن ڪيو ۽ ظهر جو ٻه رڪعتون بيت المقدس ڏانهن ٿيون ۽ ٻه رڪعتون ڪعبي شريف ڏانهن منهن ڪري ادا ڪيون ويون۔

قبلي جي تبديلي ۾ حڪمت

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! قبلي جي تبديلي جي هڪ اها حڪمت بيان ٿي ته هن سان مؤمن ۽ ڪافر ۾ فرق ۽ امتياز ٿي وڃي ته ڪير حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم تي قبلو تبديل ڪري ٿو ۽ ڪير پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نافرماني ڪري ٿو۔(تفسيرڪبير، البقرة، تحت الآية: ۱۴۳، ۲/۹۰)

خدا چاهتا ھے رضائے محمد

      اهڙي طرح قبلي جي تبديلي مان هڪ ڳالھ اها به معلوم ٿي ته الله پاڪ کي پنهنجي حبيب، ڏکايل دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضاء تمام گھڻي پسند آهي ۽ الله پاڪ پنهنجي حبيب عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي چاهتن کي پورو فرمائيندو آهي۔ امام فخر الدين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيه فرمائن ٿا: بيشڪ الله پاڪ پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪري قبلو تبديل فرمايو ۽ هن آيت ۾ هيئن نه فرمايو ته اسان توهان کي ان قبلي ڏانهن ڦيرينداسين جنهن ۾ منهنجي رضا آهي بلڪ  هن طرح ارشاد فرمايو: فَلَنُوَلِّیَنَّكَ قِبْلَةً تَرْضٰىهَا۪  ترجمو ڪنزالايمان: پوءِ جِنھن قِبلي ۾ اوهان راضِي هُجو (اوڏانھن) ضرُور اوهان کي ڦيرائينداسين ۔ ڄڻ ته ارشاد فرمايو: اي حبيب! صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، هر ڪو منهنجي رضاء جو طلبگار آهي ۽ مان ٻنهي جھانن ۾ تنهنجي رضا چاهيان ٿو۔          (تفسيرڪبير، البقرة، تحت الآية: ۱۴۳، ۲/۸۲)

          سرڪارِ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيه  ڇا خوب فرمائن ٿا:

زَہے عزّت و اِعْتِلائے محمد                                 کہ ہے عرشِ حَق زیرِ پائے محمد

مَکاں عرش اُن کا فَلَک فَرْش اُن کا                       مَلَک خادمانِ سَرائے محمد

خُدا اُن کو کس پیار سے دیکھتا ہے                         جو آنکھیں ہیں مَحوِ لِقائے محمد