Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

دَمِ نَزع جاری ہو میری زَباں پر                          محمد محمد خدائے محمد

عَصائے کلیم اژدہائے غَضَب تھا                          گِروں کا سَہارا عَصائے محمد

خُدا کی رضا چاہتے ہیں دوعالَم                               خُدا چاہتا ہے رضائے محمد

(حدائقِ بخشش، ص،۶۵،۶۶)

 مختصر وضاحت: واھ واھ! ڇا ڳالھ آهي، الله پاڪ ڪيترو بلند مقام عطا فرمايو آهي جو عرشِ الٰهي پنهنجي تمام بلندين جي باوجود رسولِ پاڪ، صاحبِ معراج صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيرن هيٺ آهي۔ اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ڪيترو بلند آهي جو عرش ان جو مڪان آهي، آسمان ان جي لاءِ فرش جيان آهي ۽ ملائڪ سندن عَلَيۡهِ السَّلَام جي درِ دولت جا خدمتگار  آهن۔ جن اکين الله پاڪ جي حبيب، ڏکويل دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دِيدار ڪيو، الله پاڪ اُنهن اکين کي ايتري قدر پسند فرمائيندو آهي جو اهڙين اکين وارن کي تمام اُمّت تي فضيلت عطا ڪري ڇڏي۔ جڏهن منهنجو ساھ نڪري رهيو هجي ته منهنجي زبان تي مڪي مدني لجپال، رسولِ بي مثال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ ان جي رب ِّڪريم جو نالو ئي هجي۔ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي لٺ وڏو غضبناڪ ازدهو (تمام وڏو نانگ) بڻجي نانگن کي ڳيهي وئي جڏهن ته اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ لٺ ڪرندڙن جو سهارو ٿيندي آهي۔ ٻئي جهان الله پاڪ جي رضاء چاهيندا آهن  جڏهن ته اهو خدا ٿي مصطفيٰ ڪريم عَلَيۡهِ السَّلَام جي رضاء چاهي ٿو۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

حج هڪ اهم فريضو

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان بيتُ الله شريف جي فضيلتن ۽ برڪتن بابت ٻڌي رهيون هيوسين، بيتُ الله شريف جي هڪ خصوصيت اها به آهي ته اهو ئي اهو هنڌ آهي جتي هر سال دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين عاشقانِ رسول گڏ ٿيندا آهن۔ پنهنجي نسل، پنهنجي زبان، پنهنجي رنگ ۽