Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

پنهنجي وطن جو فرق مٽائي هڪ وقت ”صداءِ لبيڪ“ بلند ڪندي حج جو فريضو ادا ڪندا آهن۔  

     حج ارڪانِ اِسلام مان هڪ بنيادي رُڪن ۽ اَهم عِبادت آهي، الله ڪريم صاحبِ استطاعت ماڻهن تي ان کي فرض ڪيو آهي، جيڪو فرض هئڻ باوجود ان جي ادائيگي ۾ ڪوتاهي (Negligence) ڪري سخت گنهگار ۽ جهنّم جو حقدار آهي، الله پاڪ سيپاري 4سُورة اٰلِ عمران آيت نمبر 97 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حج تمام وڏي نعمت آهي، حج جي سعادت ماڻڻ  وارن خوش نصيبن تي الله پاڪ خُصُوصي ڪرم نوازيون فرمائيندو آهي، اهو پاڪ پَروَردگار حج ڪرڻ وارن کي حج جي بدلي ۾ اهڙن عظيمُ الشَّان انعامن کان نوازيندو آهي جن جي باري ۾ ٻڌي مُسلمانن جي دلين ۾ به انهن مُقدَّس هنڌن جي زِيارت جو ذوق ۽ شوق مزيد وڌڻ لڳندو آهي۔  

حج جون فضيلتون

      اچو!حج جون فَضيلتون ۽ حاجين کي خدا عَزَّوَجَلَّ طرفان ملڻ وارن انعامن   بابت 4 فَرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿيون، جيئن

1۔ ارشاد فرمايائون: جيڪو حج جي اِرادي سان نڪتو، پوءِ مري ويو ته الله پاڪ قِيامَت تائين ان جي لاءِ حج ڪرڻ واري جو ثَواب لکي ڇڏيندو ۽ جيڪو عُمري جي اِرادي سان نڪتو، پوءِ مري ويو ته ان جي لاءِ قِيامَت تائين عُمرو ڪرڻ واري جو ثواب لکيو ويندو۔ (مسند ابي يعليٰ ، مسند ابي ھريرة ، ۵/ ۴۴۱، حديث: ۶۳۲۷)

2۔ ارشاد فرمايائون: جڏهن توهان ڪنهن حاجي کان مُلاقات ڪيو ته ان کي سلَام ۽ مُصَافَحو ڪيو ۽ ان کي چئو ته اهو پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان توهان جي لاءِ مَغفِرت جي دعا ڪري، ڇوته ان جي مَغفِرت ٿي چڪي آهي۔ ( مشڪاة المصابيح ، ڪتاب المناسڪ،الفصل الثالث،۱/۴۷۲،حديث:۲۵۳۸)

ارشادفرمايائون: حج ڪندا رهو، ڇوته حج گُناهن کي اهڙي طرح ڌوئي ڇڏيندو