Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

ننهن ڪٽڻ جون سنتون ۽ آداب

     پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’101مدني گل‘‘ مان ننهن ڪٽڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون. ٭ جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ مستحب آهي۔ ها جيڪڏهن وڌي ويا هجن ته جمعي جو انتظار نه ڪريو۔ (درمختار ج 9 ص 668) صدرُالشَّريعه، بدرالطَّريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اﷲِ عَلَیهِ بهار شريعت، جلد 3 ص 583 ۾ فرمائن ٿا؛ منقول آهي؛ ”جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي الله تعاليٰ اُن کي ٻئي جمعي تائين مصيبتن کان محفوظ رکندو ۽ ٽي ڏينهن وڌيڪ يعني ڏهه ڏينهن تائين۔ هڪ روايت ۾ هي به آهي ته جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي ته ان تي رحمت نازل ٿيندي ۽ گناهه ڇڻندا۔ ۔ (دُرِّمُختار، رَدُّالْمُحتَار،۹/۶۶۸۔ بهارِشريعت حصّه۱۶ ص ۲۲۵،۲۲۶) ٭ هٿن جا ننهن ڪٽڻ جي منقول طريقي جو خلاصو پيش خدمت آهي؛ پهرين ساڄي هٿ جي شهادت واري آڱر کان شروع ڪري ترتيبوار چيچ سميت ننهن ڪٽيا وڃن پر آڱوٺو ڇڏيو وڃي، هاڻي کاٻي هٿ جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو، پوءِ هاڻي آخر ۾ ساڄي هٿ جي آڱوٺي جو ننهن ڪٽيو وڃي۔ (دُرِّمُختار،۹/۶۷۰ ، اِحْياءُ الْعُلُوم ،۱/۱۹۳)٭ پيرن جي ننهن ڪٽڻ جي ڪا ترتيب منقول ناهي۔ بهتر اهو آهي ته ساڄي پير جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو پوءِ کاٻي پير جي آڱوٺي کان شروع ڪري چيچ سميت ننهن ڪٽيو۔ (درمختار، ج 9 ص 670) ]4[ جنابت جي حالت (يعني غسل فرض ٿيڻ جي صورت) ۾ ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي۔ (فتاويٰ عالمگيري ج 5 ص 358) ]5[ ڏند سان ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي ۽ ان سان ڪوڙهه  جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي۔ (ايضًا) ]6[ ننهن ڪٽڻ کان پوءِ انهن کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن اڇلائي ڇڏيو ته به حرج ناهي۔ (فتاويٰ

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵