Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

۾ ڪامياب ٿي وياسين ته اِنْ شَآءَالله اسان کي خوب خوب رحمتون ۽ برڪتون نصيب ٿينديون۔   اِنْ شَآءَ الله  

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسلام جي شروع ۾ قبلو بيت المقدس هو، جڏهن ته مسلمان بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز ادا ڪندا هئا، پوءِ بعد ۾ قبلو بيتُ الله شريف قرار ڏنو ويو، ان جو پسِ منظر ڇا آهي، اچو ٻڌون ٿا: جيئن سيپاري 2 سوره بَقَره جي آيت نمبر 144 ۾ ربِّ ڪعبه ارشاد فرمايو:

قَدْ نَرٰى تَقَلُّبَ وَجْهِكَ فِی السَّمَآءِۚ   (پ۲،البقرة،۱۴۴)        

ترجمو ڪنز الايمان: اسان توھان جو آسمان ڏانھن ھَر ھَر مُنھن ڪرڻ ڏِسي رهيا آهيون

ڪعبو شريف قبلو ڪيئن بڻيو؟

        پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جڏهن حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مدينه منوره ۾ تشريف وٺي آيا ته سندن کي بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙھڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ نبي ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي حڪم جي پيروي ڪندي انهيء طرف منهن ڪري نمازون ادا ڪرڻ شروع ڪيون۔ پر حضور پُرنورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ دِل جي خواهش اها هئي ته خانهٔ ڪعبه کي مسلمانن جو قبلو بڻايو وڃي، ان جو سبب اهو نه هو ته بيت المقدس کي قبلو بڻائڻ حضورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ناپسند هو بلڪ ان جو هڪ سبب اهو هو ته خانه ڪعبه حضرت ابراهيم عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام ۽ سندن کان علاوه ڪيئي انبياءِ ڪرام عَلَيهم الصَّلٰوة وَالسَّلَام جو قبلو هو ۽ هڪ سبب اهو هو ته بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙھڻ جي ڪري يهودي فخر ۽ غرور ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ اهو چوڻ لڳا ته مسلمان اسان جي دين جي مخالفت ڪن ٿا پر نماز اسان جي قبلي ڏانهن منهن ڪري پڙھن ٿا۔ پوءِ هڪ ڏينهن نماز جي حالت ۾ حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن اميد سان هر هر آسمان ڏانهن ڏسي رهيا هئا ته قبلي جي تبديلي جو حڪم اچي، پوءِ نماز جي دوران اها آيت سڳوري نازل ٿي جنهن ۾ حُضُورِ انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رِضاء کي رِضاءِ الٰهي قرار ڏيندي ۽ سندن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چهريِ مبارڪ جي حسين انداز کي قرآن ۾ بيان ڪندي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خواهش ۽ خوشي جي مطابق