Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

ڪريون، اسان دنياوي پريشانين ۾ گرفتار رهڻ بدران حَرَمَين طَيبَين جي حاضِري جي لاءِ ڪوششون جاري رکون، ان جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ روئي روئي دُعائون گھرون، والِدَين ۽ الله پاڪ جي مقبول ٻانهن جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿي اُنهن کان دعائون ڪرايون، هن اُمّيد تي ته ڪڏهن ته ڪرم جو دروازو کُلندو، ڪڏهن ته اسان کي به سڏ ٿيندو ۽ ڪڏهن ته اسان جو به نالو حاجين جي فهرست(List) ۾ شامل ٿيندو۔

اللہ کوئی حج کا سبب اب تو بنادے

جلوہ مجھے پھرگنبد خضرا کا دکھا دے

                                                                       (وسائلِ بخشش مُرَمم، ص۱۱۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيتُ الله شريف جي شان ۽ عظمت

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! مڪي شريف ۾ موجود بيتُ الله شريف اهو مقدس مقام آهي جو جنهن جي تعريف ۽ توصيف قرآني آيتن ۾ موجود آهي۔ جيئن

سيپاري 4 سورة آلِ عمران جي آيت نمبر 96 ۾ الله ڪريم جو فرمانِ عظمت نشان آهي:

اِنَّ اَوَّلَ بَیْتٍ وُّضِعَ لِلنَّاسِ لَلَّذِیْ بِبَكَّةَ مُبٰرَكًا وَّ هُدًى لِّلْعٰلَمِیْنَۚ(۹۶)   (پ۴،آلِ عمران: ۹۶) ترجَمو ڪنز الايمان: بيشڪ سڀ کان پھريون گھرُ جيڪو ماڻُھن جِي عبادت لاءِ  مقرر ٿِيو اُھو آھي جيڪو مَڪي ۾ آهي برڪت وارو ۽ ساري جهان لاءِ رهنما آھي.

      صَدرُ الافَاضِل حضرت علّامه مولانا سَيد مفتي محمد نعيمُ الدين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن آيت سڳوري جي حوالي سان فرمائن ٿا ته هن ۾ ٻڌايو ويو ته سڀ کان پهريون گھر جنهن کي الله ڪريم اِطاعت ۽ عبادت جي لاءِ مقرر ڪيو نماز جو قبلو، حج ۽ طواف جو مقام بڻايو جنهن ۾ نيڪين جو ثواب گھڻو آهي اهو ڪعبه مُعَظَّمه آهي جيڪو مڪي شريف ۾ واقع آهي۔