Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

ڇڏيو، انهن فرمانبرداري ۽ زِيارت جي شوق ۾ نڪري تنهنجي حڪم مطابِق حج جا رُڪن ادا ڪيا، ته مان تو کان سُوال ڪيان ٿو ته انهن جي حق ۾ منهنجي شَفاعت قَبول فرماءِ، انهن کي قِيامت جي گھٻراهٽ کان اَمن عطا فرماءِ ۽ انهن کي منهنجي چوڌاري گڏ ڪر۔ ته هڪ ملائڪ آواز ڏيندو: اي ڪعبه انهن ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا جن تنهنجي طواف کان پوءِ گناھ ڪيا هوندا ۽ انهن تي قائم رهي پاڻ تي جهنَّم واجِب ڪيو هوندو۔ پوءِ ڪعبو شريف عَرض ڪندو: اي الله پاڪ! انهن گنهگارن جي حق ۾ به منهنجي شَفاعت قَبول فرماءِ جن تي جهنّم واجِب ٿي چُڪو آهي۔‘‘ ته الله پاڪ فرمائيندو: مون انهن جي حق ۾ تنهنجي شَفاعت قَبول فرمائي۔‘‘ ته اهو ئي ملائڪ آواز ڏيندو: جنهن ڪعبي جي زيارت ڪئي هئي اهو ٻين ماڻهن کان جدا ٿي وڃي۔ الله پاڪ انهن سڀني کي ڪعبي جي چوڌاري جمع ڪندو۔ انهن جا چِهرا سَفيد هوندا ۽ اهي جهنَّم کان بي خوف ٿي طواف ڪندي تَلبِيه چوندا۔ پوءِ ملائڪ پُڪاريندا: اي ڪعبة الله! هل۔ ته ڪعبو شريف (هن طرح) تَلبِيه چوندو:

’’لَبَّيک اَللّٰھُمَّ لَبَّـيک، وَالْخَيرُ کلُّه، بِيدَيک، لَبَّـيک لَا شَرِيک لَک لَبَّـيک،

اِنَّ الْحَمْدَ وَالنِّعْمَة لَک وَالْمُلْک لَا شَرِيک لَک ،‘‘

پوءِ ملائڪ ان کي ڇڪي محشر جي ميدان ڏانهن وٺي ويندا۔ (الروض الفائق ص۶۶)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته! الله پاڪ مَڪي پاڪ کي ڪيتري عظيمُ الشّان خُصوصيتن ۽ بَرَڪتن سان نوازيو جو جنهن جنهن خوش نصيب جي ڪعبو شريف سفارش ڪندو، انهن سڀني کي الله ڪريم پنهنجي رحمت سان معاف ڪري ڇڏيندو، انهن کي پنهنجي رِضاء سان نوازيندو  ۽ انهن کي جنت ۾ داخل ڪندو، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به ڪعبي شريف جي عظمت کي سمجھون، ان سان گهڻي کان گهڻي محبت ڪريون، ان جي اهميت ۽ عظمت کي پنهنجي دل ۾ وڌيڪ اُجاگر