Book Name:Kaaby Ki Shan Aur Hajj Kay Fazail

هوندي آهي، اهي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ حاضري ڏيندا آهن۔ جيڪي ملائڪ هڪ ڀيري حاضري ڏئي ويندا آهن، انهن کي ٻيهر حاضري جو شرف ناهي ملندو، سڄي زندگي ۾ صرف ڪجھ ڪلاڪ يعني اڌ ڏينهن جي حاضري نصيب ٿيندي آهي۔ (مفتي صاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حديثِ پاڪ جي هن حصّي ايستائين جو جڏهن زمين کُلندي ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ستَّر (70) هزار ملائڪن ۾ نڪرندا جيڪي حُضُورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي رب جي بارگاھ ۾ پهچائيندا۔جي وضاحت ۾ لکن ٿا:) يعني قيامت جي ان ڏينهن جي ڊيوٽي وارا ملائڪ حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي جُھرمٽ ۾ وٺي ربّ تعاليٰ تائين گھوٽ جيان پهچائيندا ۔ (مرآة المناجيح، ۸/۲۸۲تا ۲۸۳)

 اعليٰ حضرت مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ”حدائقِ بخشش“ ۾ انهيء ڳالھ ڏانهن اِشارو ڪندي ڇا خُوب ارشاد فرمائن ٿا:

ستّر ہزار صُبْح ہیں سَتّر ہزار شام

یُوں بندَگیِ زُلف و رُخ آٹھوں پہر کی ہے

(حدائق بخشش،ص۲۲۰)

  مختصر وضاحت:يعني صبح ۽ شام لاڳيتو ستر (70)، ستر (70) هزار ملائڪ مديني جي تاجدار، ٻنهي جھانن جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حسين زلفن ۽ مبارڪ چهري جي صبح شام تعريف ۽ توصيف جي لاءِ سندن مزارِ پُرانوار تي حاضري ڏيندا آهن۔

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون.فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي  .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)