Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

پنهنجي قوم ڏانهن واپس موٽيا ۽ انهن کي فرمايائون: توهان منهنجي باري ۾ ڪهڙي راءِ رکو ٿا؟ سڀني گڏجي چيو: اوهان اسان جا سردار آيو ۽ اوهان جي راءِ درست ۽ بلند خيال هوندي آهي، حضرت سيِّدُنا سعد بن معاذ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو؛ ”پوءِ مون کي توهان جي مردن ۽ عورتن سان ان وقت تائين ڳالهائڻ حرام آهي جيستائين توهان الله ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ايمان نه آڻيو۔“ راوي فرمائن ٿا؛ خدا جو قسم! اڃان شام به نه ٿي هئي جو ان قبيلي جا سڀئي مرد ۽ عورتون مسلمان ٿي چڪا هئا۔ (البدايۃ والنهايۃ،باب بدء اسلام الانصار،۲ /۵۲۷ تا۵۲۹ملخصاً)

سارا قَبِیْلَہ اِیماں لایا میٹھے بول کی بَرَکت سے

بنتے کام بگڑ جاتے ہیں سُن لو بے جا شِدَّت سے

                                                                             (نیکی کی دعوت،ص۵۱۵)

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان! صحابي رسول ۽ شهيدِ اُحد حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير جو نيڪي جي دعوت جو انداز ڪيترو مٺو مٺو ۽ پيارو پيارو هو جو جنهن قبيلن جي وڏن وڏن سردارن کي پنهنجو عاشق بڻائي ڇڏيو هو، سردارن سختي ڪئي پر پاڻ گھٻرايائون نه بلڪ حڪمتِ عملي جو سهارو وٺي قرآني آيتون ٻُڌائي ٻڌائي جلد ئي انهن کي اسلام ڏانهن مائل ڪري ورتائون، سندن جي مٺن ٻولن جي برڪت سان انهن جون دليون نرم ٿي ويون، پوءِ اهي پنهنجي سڄي قبيلي سميت مسلمان ٿي ويا۔

مُبَلّغه کي ڪيئن هئڻ گھرجي؟       

      هن واقعي مان جتي اسان کي حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَيررَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي دِين خاطر قرباني جي خبر پئي، اتي اهو اهم ترين مدني گل به مليو ته نرمي، بُردباري، صبر، قوتِ برداشت، ملنساري، خوش اخلاقي ۽ جذبات تي قابو رکڻ جهڙين خوبين واري هئڻ هڪ ڪامياب مُبَلّغه جي لاءِ بيحد ضروري آهي۔ سختي، غُصّي ۽ بداخلاقي سان پيش اچڻ واري، اَڙي اوئي ۽ بازاري