Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan
زُراره رَضِىَ اللهُ عَنْهجا ماسات هئا، سعد بن معاذ اُسَيد بن حُضَير کي موڪليو ته انهن ٻنهي مُبَلِّغن کي ڌڙڪا ڏئي روڪي ڇڏيو جو هي اسان جي ڪمزور ماڻهن کي (مَعَاذالله) ورغلائڻ جي لاءِ آيا آهن، اُسَيد بن حُضَير پنهنجو نيزو کنيو ۽ انهن وٽ پهچي ويو، ايندي ئي انهن کي بُرو ڀلو چوڻ شروع ڪيو ۽ ڌمڪي ڏنيائين ته جيڪڏهن زندگي پياري اٿوَ ته هتان کان هليا وڃو، حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه(انفرادي ڪوشش جو آغاز ڪندي نهايت) نرمي ۽ مٺاس وارو لهجو اپنائيندي فرمايائون؛ ڪجھ ويهي ڪري اسان جي ڳالهه ته ٻڌو، سمجھ ۾ اچي ته مڃي وٺجو ۽ جيڪڏهن پسند نه اچي ته اسان اوهان کي مجبور نه ڪنداسين، اُسَيد بن حُضَير تي مٺي ٻول جو اثر ٿيو ۽ پنهنجو نيزو زمين تي کوڙي ان وٽ ويهي رهيو. حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ عَنْهان کي اسلام جي باري ۾ مدني گل پيش ڪيا ۽ قرآن شريف پڙهي ٻڌايو، اَلۡحَمۡدُلِله ان جي دل ۾ مدني انقلاب برپا ٿي ويو ۽ انهن اسلام قبول ڪري ورتو.
مسلمان ٿيڻ کان پوءِ چيائون: منهنجي پويان سعد بن مُعاذ آهي، جيڪڏهن ان توهان ٻنهي جي ڳالهه مڃي ورتي ته منهنجي سڄي قوم توهان جي ڳالهه مڃي وٺندي، مان ان کي توهان وٽ موڪليان ٿو، هي چئي پاڻ اتان کان سڌو سَعد بن مُعاذ وٽ پهتا ۽ ان کي ٻنهي مُبَلِّغن وٽ وڃڻ جي لاءِ راضي ڪري ورتو، سعد بن مُعاذ ايندي ئي ٻنهي کي بُرو ڀلو چوڻ شروع ڪيو، حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه(انفرادي ڪوشش جو آغاز ڪندي انهن کي به نهايت) نرمي ۽ محبت ڀري انداز سان نيڪي جي دعوت ٻڌڻ جي لاءِ راضي ڪري ورتو، اهي به پنهنجو نيزو زمين تي کوڙي سندن جي ويجهو ويهي رهيا، حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه به ان تي اسلام جي خوبين سان مالا مال مدني گل پيش ڪيا ۽ سورة الزُخرُف جون شروعاتي آيتون به پڙهي ٻڌايون قرآني آيتون تاثير جو تير بڻجي ان جي دل ۾ اثر ڪري ويون ۽ انهن به اسلام قبول ڪري ورتو، اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ حضرت سيِّدُنا معاذ رَضِىَ اللهُ عَنْه