Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

جي لاءِ پيش ڪيل قربانين کي وساري ته ناهي ڇڏيو؟ ڇا اسان جي اندر اصلاحِ اُمّت جو درد ختم ٿي چڪو آهي؟

ڇا اسان جي اندر دينِ اسلام جي سَربلندي ۽ اسلامي ڀينرن جي خير خواهي جي لاءِ به وقت ناهي؟ ڇا اسان وٽ مدرسة المدينه بالغات ۾ حاضر ٿي قرآنِ ڪريم سکڻ يا اسلامي ڀينرن کي قرآنِ ڪريم سيکارڻ جي لاءِ به وقت ناهي؟ آخر اسان مدرسة المدينه بالغات کي ڪڏهن آباد ڪنديون سين؟ اسلامي ڀينرن کي قرآنِ ڪريم ڪڏهن سيکارينديون سين؟ انهن کي نماز، وضو، غُسل ۽ پاڪي ناپاڪي جا احڪام ڪڏهن سيکارينديون سين ؟ انهن جي اِصلاح ڪڏهن سيکارينديون سين ؟ انهن کي سُنتون ڪڏهن سيکارينديون سين ؟ انهن کي عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪڏهن سيکارينديون سين ؟ انهن کي ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڪڏهن سيکارينديون سين ؟  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اسان شهيدِ غزوهءِ اُحُد جي قربانين جي باري ۾ ٻُڌي رهيون هيون سين۔ ٻين صحابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان به هن غزوي ۾ قُربانيون ڏنيون آهن، ياد رکو! شُهداءِ اُحد الله ڪريم جا اهي مقرب ٻانها ۽ رسولِ بي مثال، بي بي آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اهي حقيقي جان نثار صحابي آهن، جن دينِ اسلام جي خاطر نه صرف پنهنجي قيمتي جانن جو نذرانو پيش ڪيو بلڪ الله پاڪ جي رِضا ۽ ثوابِ آخرت ڪمائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪثير ۽ قيمتي مال به اسلام جي خاطر راھ خدا ۾ پيش ڪري ڇڏيو هو، انهن جڳمڳائيندڙ تارن ۾ ٻه روشن تارا صحابي رسول حضرتِ سَيدُنا مُخَيرِيق ۽ حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح انصاري به آهن۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هنن ٻنهي حضرات جو راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو جذبو ملاحظه ڪريو،

اسلام ۾ سڀ کان پهريون وقف

هڪ تمام گھڻو علم رکڻ وارا صحابي حضرتِ سَيدُنا مُخَيرِيق رَضِىَ اللهُ عَنْه کوڙ جائيدادن ۽ 7 باغن جا مالڪ هئا، پاڻ وَصِيت فرمايائون ته جيڪڏهن مان