Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

بارگاھ ۾ بطورِ قرض پيش ڪري ڇڏيو۔ حضرتِ سَيدُنا عبدُالله بن مسعودرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: انهن جي باغ ۾ 600 کجور جا وڻ ها، اُمِّ دَحدَاح ۽ انهن جا ٻار به انهيء ۾ رهندا هئا۔ حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح رَضِىَ اللهُ عَنْه آيا ۽ انهن آواز ڏنو: اي اُمِّ دَحدَاح (رَضِىَ اللهُ عَنْها)! انهن عرض ڪيو: لبيڪ مان حاضر آهيان، حضرتِ ابو دَحدَاح رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايائون: اوهان هن باغ مان نڪري هلو ڇوته مون هن باغ کي پنهنجي ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ بطورِ قرض پيش ڪري ڇڏيو آهي۔(شعب الايمان،باب في الزڪاة،۳/۲۴۹،حديث: ۳۴۵۲)

الله پاڪ کي قرض ڏيڻ مان ڇا مراد آهي؟

”تفسير صراطُ الجنان“ ۾ لکيل آهي: راھ خدا ۾ اِخلاص سان خرچ ڪرڻ کي قرض سان تعبير فرمايو، اهو الله ڪريم جو ڪمال درجي جو لطف و ڪرم آهي ڇوته ٻانهو ان جو پيدا ڪيل ۽ ٻانهي جو مال ان جو ئي عطا ڪيل، حقيقي مالڪ اهو آهي، جڏهن ته ٻانهو ان جي عطا سان مجازي مِلڪيت رکي ٿو پر قرض (Loan) قرار ڏيڻ ۾ اها ڳالھ دل ۾ ويهارڻ مقصود آهي ته جهڙي طرح قرض ڏيڻ وارو اطمينان رکي ٿو ته ان جو مال ضائع نه ٿيندو ۽ هو ان جي واپسي جو حق دار آهي، ائين ئي راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ واري کي اطمينان رکڻ گھرجي ته هو ان خرچ ڪرڻ جو بدلو يقيناً ماڻيندو ۽ اهو به معمولي نه بلڪ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ملندو۔ ست سو (700) ڀيرا وڌيڪ به ٿي سگھي ٿو ۽ ان کان لکين ڀيرا وڌيڪ به. (صراط الجنان،۱/۳۶۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

     پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻُڌو اوهان! شهيدِ اُحد حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه راھ خدا ۾ خرچ جي معاملي ۾ ڪيتري قدر زبردست مَدَني ذهن جا مالڪ هئا، ٿورو سوچيو! ڪنهن وٽ هڪ اهڙو خوبصورت باغ موجود هجي، جنهن ۾ عُمده قسم جي کجورن جا 600 وڻ لڳل هجن، ته ڪنهن جي دل چاهيندي ته ان باغ کي پنهنجي ملڪيت مان خارج ڪري ڪنهن کي تحفي ۾ ڏئي ڇڏيان يا سڄو باغ ئي راھ خدا ۾ پيش ڪري ڇڏيان، پر قربان