Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

هرمبلغه بيان ڪرڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا پڙهي

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

شُهداءِ اُحد جون قربانيون

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                    وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                                      وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

دُرُود شريف جي فضيلت

      حضورنبي رحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان آهي: قِيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي عرش کان علاوه ٻي ڪا ڇانوَ نه هوندي، ٽي (3) شَخص الله پاڪ جي عرش جي ڇانوَ ۾ هوندا۔ (1) اُهو شخص جيڪو منهنجي اُمتي جي پريشاني دور ڪري (2) منهنجي سنّت کي زندھ ڪرڻ وارو (3) مون تي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ وارو۔ (اَلبُدورُ السّافرة لِلسُّيوطي، ص ۱۳۱حديث: ۳۶۶ )

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                           صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖيعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.