Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

اسلام استقامت جو تقاضو ڪندو آهي، اسلام مُعاشري جون تڪليفون برداشت ڪرڻ جو  تقاضوڪندو آهي، اسلام آزمائشن تي ثابت رهڻ جو تقاضو ڪندو آهي، اسلام خاطر تڪليفون برداشت ڪرڻ، مخالفتون سهڻ ۽ قُربانيون پيش ڪرڻ انبياءِ ڪرام، صحابَهءِ  ڪرام ۽ بزرگانِ دِين جو معمول رهيو آهي، جيڪڏهن اسلامي اَحڪام تي عمل مثال طور نماز پڙھڻ، شرعي پردو ڪرڻ ۽ سُنّتون اپنائڻ جي راھ ۾ پريشانيون ۽ آزمائشون اچن، گھڻين مخالفتن جو بازار گرم ٿي وڃي، گهڻو مذاق اُڏايو وڃي، طرح طرح سان دل ڏکائي وڃي، ڌمڪيون ڏنيون وڃن، ايستائين جو مارڪٽ ڪئي وڃي ته اهڙن موقعن تي دل ننڍي ڪري مَعَاذَالله فرض ۽ واجب، سُنّتن، مدني ماحول ۽ مدني ڪمن کان منهن موڙي ٻيهر انهيء گناهن ڀري زندگي جي دلدل ۾ موٽي وڃڻ هرگز عقلمندي ناهي بلڪ سراسر تباهي ۽ بربادي ۽ آزمائشن تي صبر نه ڪرڻ سبب عظيمُ الشَّان ثواب کان محرومي جو سبب آهي۔ اسان کي گھرجي ته آزمائشن، پريشانين، آفتن، غمن تي صبر ڪري صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي مصيبتن ۽ پريشانين کي ياد ڪريون ۽ صبر جي نتيجي ۾ ملڻ وارين خوش خبرين کي سامهون رکون۔ صبر ڪرڻ وارن جي باري ۾ سيپاري 4 سورة اٰل عمران جي آيت نمبر 146 ۾ ارشاد آهي:

وَ اللّٰهُ یُحِبُّ الصّٰبِرِیْنَ(۱۴۶)                تَرۡجَمو ڪنز الايمان: ۽ صبر وارا اللہ کي پيارا آهن.

      اهڙي طرح سيپاري 10سُوْرَة الْاَنْفال جي آيت نمبر 46 ۾ ارشاد آهي:

وَ اصْبِرُوْاؕ-اِنَّ اللّٰهَ مَعَ الصّٰبِرِیْنَۚ(۴۶) (پ ۱۰،انفال : ۴۶)                                                                                        

تَرۡجَمو ڪنز الايمان: ۽ صبر ڪيو بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل هنن آيت سڳورين مان پئي ته صبر ڪرڻ وارا ربِّ ڪريم جا محبوب ۽ پسنديده بڻجي ويندا آهن، صبر ڪرڻ وارن جي ربِّ ڪريم مدد فرمائيندو آهي، تنهنڪري ڪڏهن به صبر جو دامن هٿان نه ڇڏڻ گھرجي، صبر جي معنٰي آهي نفس کي ان شيء کان باز رکڻ،