Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

جنهن سان رڪڻ جو عقل ۽ شريعت تقاضا ڪري رهي هجي۔ (المفردات للراغب، باب الصاد، ص۲۷۳)

      اهي شيون جن کان عقل رُڪڻ جو تقاضو ڪري، جيئن اوچتو بجلي هلي وڃي ته شور ڪرڻ کان بچڻ، بيماري اچي ته شڪوو شڪايت کان بچڻ، گاڏي خراب يا پنڪچر ٿي پوي ته غم ۽ غُصّي کان بچڻ وغيره۔

    اهي شيون جن کان شريعت رُڪڻ جو تقاضو ڪري، جيئن ڪنهن جي دل ڏُکائڻ تي انتقامي ڪاروائي کان بچڻ، ڪا شيء چوري ٿي وڃي ته ٻين تي اِلزام لڳائڻ کان بچڻ، کاڌي ۾ لوڻ مرچ گھٽ يا وڌيڪ پئجي وڃي ته صبر ڪرڻ وغيره۔

احاديثِ ڪريمه ۾ به صبر ڪري اجر ۽ ثواب ڪمائڻ جي ڀرپور ترغيب موجود آهي، اچو! ترغيب جي لاءِ 3 حديث سڳوريون ٻڌو ۽ آزمائشن تي صبر ڪري آخرت جي ثواب جون حق دار بڻجو، جيئن

حضرتِ سَيدُنا سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا، مون عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! سڀ کان وڌيڪ مصيبتون ڪهڙن ماڻهن تي آيون؟ فرمايائون: نبي سڳورن (عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام) انهن کان پوءِ جيڪي بهتر آهن، پوءِ انهن کان پوءِ جيڪي بهتر آهن، ٻانهي کي پنهنجي دينداري جي اعتبار سان مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن اهو دِين ۾ سخت هوندو آهي ته ان جي آزمائش به سخت هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهو پنهنجي دِين ۾ ڪمزور هوندو آهي ته الله پاڪ ان جي دِينداري جي مطابق ان کي آزمائيندو آهي۔ ٻانهو مصيبت ۾ مبتلا ٿيندو رهندو آهي ايستائين جو هن دنيا ئي ۾ ان جا سمورا گناھ بخشيا ويندا آهن۔(ابن ماجه،ڪتاب الفتن،باب الصبر علي البلاء،۴ /۳۶۹، حديث: ۲۳ ۴۰)

نبين جي سُلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: مؤمن ۽ مؤمنه کي پنهنجي جان، اولاد ۽ مال جي ذريعي آزمايو ويندو رهندو، ايستائين جو اهي الله پاڪ کان هن حال ۾ ملندا جو انهن جي ذمي ڪو گناھ نه هوندو۔(ترمذي، ڪتاب الزھد ،باب ماجا ء في الصبر علي البلاء۴/۱۷۹،حديث:۲۴۰۷)

سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جنهن مسلمان کي ڪا بيماري، ٿڪاوٽ يا غم پهچندو آهي، اهو ان جي گناھ جو