Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

عِلم خزانو آهي ۽ سُوال ڪرڻ ان جي چاٻي آهي۔ (فردوس الاخبار، ۲/۸۰،حديث:۴۰۱۱) ٭ عِلْم سکڻ جي لاءِ سوال پڇا ڪرڻ کان شرمائڻ نه گھرجي۔ (اعرابي کے سوالات اور عربي آقا کے جوابات، ص۸) ٭ اهڙا سُوال ڪرڻ کان به بچيو وڃي جنهن جو دنياوي يا اُخروي فائدو نه هجي۔ (اعرابي کے سوالات اور عربي آقا کے جوابات،ص۹)٭

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَآءَ الله!     آئنده جمعرات ٿيندڙ دعوت ِاسلامي جي هفتيوار سنَّتن ڀري اجتماع ۾ اسان جنهن موضوع تي بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديون سين، ان جو نالو آهي ”اعليٰ حضرت جو عِلم وعَمل“ڇوته 10شَوَّالُ الْمُڪرَّم اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيۡه جو يومِ وِلادت آهي، اعليٰ حضرت جو علمي مقام ڇا هو ۽ سندن علمي خدمتون ڪهڙيون هيون، اهڙي طرح فتاويٰ رضويه جو تعارف ۽ ان جون خصوصيتون به بيان ٿينديون، ان جي علاوه به ٻيا کوڙ اهم مدني گل بيان ٿيندا، لهٰذا! آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي چئو: اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد