Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

ڪفارو ٿي ويندو آهي۔(الترغيب و التر ھيب،ڪتاب الجنائز،باب التر غيب في الصبر...الخ ،۴/۱۴۴،حديث:۲۹)

الله ڪريم اسان کي دُنيا ۽ آخرت ۾ عافيت نصيب فرمائي، آزمائشن تي صبر ڪرڻ جو حوصلو، اسلام تي استقامت ۽ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان مرڻ گھڙي تائين مضبوطي سان وابسته رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!شهيدِ اُحد حضرت سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه اهي عظيم صحابي رسول آهن، جن جي ذات ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ جو مَدَني جذبو تمام گھڻو ڀريل هو۔ سندن رَضِىَ اللهُ عَنْه  پنهنجي جان تري تي رکي به دينِ اسلام جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ پرچمِ اسلام کي بلند ڪرڻ جي لاءِ پري پري جا سفر اختيار ڪيائون۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه سندن ڪوششن سان ڪيئي غير مسلمن کي دولتِ ايمان نصيب ٿو ۽ اهي ڪلمو پڙهي دامنِ اسلام سان وابسته ٿيا،

هڪ ڀيري ٻنهي جھانن جي سردار، مڪي مَدَني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شريعي احڪام سيکارڻ جي لاءِ حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه کي مديني شريف روانو ڪيائون، پاڻ اتي خوب اسلام جي احڪامن جي تبليغ فرمائي ۽ پوءِ تقريباً قبيله اَوس ۽ خَزرَج جي 500، هڪ روايت جي مطابق 300 ماڻهن جو قافلو وٺي حاضر ٿيا ۽ انهن سڀني اسلام قبول ڪيو۔

سڄو قبيلو مسلمان ٿي ويو

حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ عَنْهحضرت سيِّدُنا اَسعَد بن زُراره رَضِىَ اللهُ عَنْه سان گڏ راهِه خدا ۾ سفر تي روانا ٿيا ته قبيلي بني ظفر جي باغ ۾ ”مَـرَق“ نالي کوهه تي ويهي رهيا، انهن ٻنهي وٽ بنو اسلم قبيلي جا ڪجھ ماڻهو گڏ ٿيا، انهن جا وڏا سردار سعد بن مُعاذ ۽ اُسَيد بن حُضَير به هئا جن اڃان اسلام قبول نه ڪيو هو، حضرت سيِّدُنا  سعد بن مُعاذ حضرت سيِّدُنا اَسعَد بن