Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

يقيناً ناممڪن آهي، تنهنڪري انهن مان ڪجھ شُهداءِ ڪرام جي دِين جي خاطر قربانين جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿيون۔ شُهداءِ اُحد مان الله پاڪ ۽ رسولِ اڪرم، شفيعِ اُمَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مَحَبَّت ڪرڻ واري، قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ واري، جنگِ اُحُد ۾ شريڪ ٿيڻ واري، سڀ کان پهريان حق جي دعوت ڏيڻ واري، پرهيزگارن جو سردار، نيڪين ۾ اڳرائي ڪرڻ واري، واعدو پورو ڪرڻ واري، تڪلف ۽ بناوٽ کان پاڪ، مخلص ۽ محبت ۽ خوف ۾ مغلوب رهڻ واري مشهور صحابي رسول حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير داري رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جي پاڪيزه ذات به آهي، سندن جو تعلق امير گھراڻي سان هو، پاڻ نهايت شاهاڻي زندگي گذاريندا هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه بهترين کان بهترين عاليشان لباس پائيندا هئا،حضرت عمير رَضِىَ اللهُ عَنْه  پنهنجي والدين جا نهايت پيارا ۽ دادلا هئا، پر جڏهن اسلام قبول ڪيائون، ته سندن کي اسلام آڻڻ کان پوءِ پنهنجي گھر وارن جي طرفان گھڻيون تڪليفون  ڏيون ويون، پر پوءِ به سندن جا حوصلا گھٽ نه ٿيا بلڪ ويتر اسلام جي محبت سندن جي دل ۾  وڌندي وئي، جيئن

حضرت سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَيررَضِىَ اللهُ عَنْه، نبين جي سُلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دارِ اَرقم ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اِسلام قبول ڪيائون پر گھر وارن ۽ قوم جي خوف سبب پنهنجو اِسلام لڪائي رکيائون۔ هڪ ڀيري ڪنهن سندس کي نماز پڙھندي ڏسي سندن جي گھر وارن کي خبر ڏني ته گھروارن قيد ڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  جون آسائشون تڪليفن ۾ بدلي ڇڏيون، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ ڏينهن اتان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ حبشه وڃي پهتا۔ لاڳيتو تڪليفون ۽ ايذيتون برداشت ڪرڻ جي ڪري سندن جي کل نانگ (Snake) جي سنهي کل جيان جسم کان جدا ٿيندي به ڏٺي وئي۔ (ماهنامه فيضان مدينه،جولائي۲۰۱۷،ص۱۹)