Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي هن هفتيوار سُنّتن ڀري بيان جو موضوع آهي ”شُهداءِ اُحد جون قُربانيون“۔ جنهن ۾ اسان شُهداءِ اُحُد جي دِين جي خاطر پيش ڪيل، قربانين جي باري ۾ ٻڌنديون سين۔ تنهنڪري دِلجمعي ۽ سٺين سٺين نيتن سان ابتداء کان آخر تائين بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريو، دنيا ۽ آخرت بهتر بنائڻ جا ڪيئي مَدَني گل حاصل ٿيندا۔ اِنْ شَآءَ الله

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غزوهءِ اُحد ۾ ستر انصارن ۽  پنج مهاجر صحابين سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان شهادت جو جام پيتو، هن مختصر بيان ۾ انهن سمورن شهيدن جو ذڪرِ خير ۽ دِين جي لاءِ انهن جي قربانين کي بيان ڪرڻ