Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

جي چمڪ ڌَمڪ برقرار رکڻ لاءِ کوڙ سارو پيسو خرچ ڪنديون آهيون، پر راههِ خدا ۾ پنهنجي حيثيت مطابق چندو ناهيون ڏينديون جڏهن ته نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪرڻ الله ڪريم جي رضا جو سبب آهي، پنهنجي ٻارن کي ڊاڪٽر، سرجن، انجنيئر، سائنس دان، ليڪچرار، پائلٽ، پروفيسر ۽ ڪمپيوٽر پروگرامر بنائڻ جي لاءِ ته هر ڪو ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر دِين جي لاءِ قرباني ڏئي انهن کي عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم مدرسن ۽ جامعات ۾ تعليم ڏيارڻ جو ذهن تمام گهٽ آهي، جڏهن ته عالمِ دين بنائڻ جي لاءِ جامعة المدينه ۾ داخل ڪرائڻ الله ڪريم جي رضا جو سبب آهي۔ تنهنڪري پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين کي جامعة المدينه للبنين ۽ جامعة المدينه للبنات ۾ داخل ڪرايو ۽ علمِ دين جي روشني ڦھلائڻ ۾ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

علم سکڻ جا مدني گل

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي عِلْم سکڻ وارن جي باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون۔ پهريان 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1)فرمايائون: جيڪو عِلم جي ڳولها جي لاءِ ڪنهن راھ تي هلي الله پاڪ ان جي لاءِ جنت جي راھ آسان ڪندو آهي۔([1])(2) فرمايائون: علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي۔(اِبن ماجه،۱/۱۴۶،حديث:۲۲۴)٭ هن حديثِ پاڪ مان اسڪول ڪالج جي مُرَوَّجه دُنيوي تعليم مراد ناهي بلڪه ضَروري دِيني عِلم مُراد آهي۔ (نيڪي جي دعوت، ص۱۳۶) ٭ عِلم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سُوال ڪرڻ يقيناً فضيلت جو سبب آهي پر سُوال ڪرڻ جي آداب جو لحاظ ڪرڻ به ضروري آهي۔(فيضان داتا علي هجويري،ص۱۳)٭


 

 



[1] مسلم،کتاب الذکر والدعاء،باب فضل الاجتماع علی تلاوۃ القرآن وعلی الذکر،ص۱۱۱۰،حدیث:۶۸۵۳