Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

پریشانیوں میں زباں بند رکھنا                                        کئے جانا صبر اجر اس میں بڑا ہے

کوئی جھاڑ دے تب بھی نرمی برتنا                                        کئے جانا صبر اجر اس میں بڑا ہے

گو آفات و امراض ڈیرا جمائیں                                         کئے جانا صبر اجر اس میں بڑا ہے

(وسائل بخشش مرمم،ص۴۵۵)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سُبْحٰنَ الله! شهيدِ اُحُد حضرت سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير جو جوشِ ايماني مرحبا! باوجود هن جي جو اسلام آڻڻ جي ڪري هر پاسي کان خوف وڌي چڪو آهي، گھر ۽ ٻاهر وارا سڀئي هروڀرو دشمني تي لهي آيا آهن، نمازون پڙھڻ سبب ظلم ۽ ستم جو نشانو بنايو پيو وڃي پر قربان وڃجي! رسولِ پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن سچي عاشق تي جنهن ايتري قدر تڪليفون ۽ مخالفتون برداشت ڪري گھر ڇڏي هجرت ڪرڻ ۽ کل جُدا ڪرائڻ ته پسند ڪيو پر اسلام ۽ نماز جي ادائيگي کان هڪ اِنچ به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه ٿيا۔ بيشڪ اهو سڀ الله ڪريم جو خاص فضل ۽ احسان ۽ رسولِ ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحبتِ  جو فيض هو جو مشڪل گھڙي ۾ به پاڻ رَضِىَ اللهُ  تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي ارادي تي جبل جيان بيٺل رهيا۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪرڻ جي ڳالھ آهي! اڄ ماڻهو دنيا جي خاطر ته وڏي کان وڏي مصيبت ۽ آزمائش وڏي خوشي سان برداشت ڪندا آهن، دنيا ۽ دنيا جي مال خاطرڪنهن جي تنقيد جي پروا ناهن ڪندا پر شرعي احڪامن تي عمل ۽ مدني ڪم ڪرڻ ۽ سُنّتون اپنائڻ سبب جيڪڏهن مُعاشري وارا ماڻهو يا گھر وارا مخالفت ڪن، مذاق اڏائن، ٺٺول ڪن ته انهن جي همت جواب ڏئي ويندي آهي، پوءِ هو جنهن بدبودار گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪري آيا هئا، ٻيهر ان ڏانهن موٽي ويندا آهن، ۽ دنيا دارن جيان دنيا جي رنگينين ۾ گُم ٿي ويندا آهن۔

اسلام ڪنهن شيء جو نالو آهي؟

اهڙن جي خدمت ۾ عرض آهي ته اسلام قُرباني جو تقاضو ڪندو آهي،