Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

شهيد ٿي وڃان ته منهنجو سمورو مال نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ملڪيت هوندو، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪو چاهين ڪن، جڏهن رسولِ اَڪرم، شاھِ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غزوهءِ اُحد تان واپس تشريف وٺي آيا ته انهن جائيدادن (Properties) ۽ باغن کي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وقف فرمائي ڇڏيو، اسلام ۾ اهو سڀ کان پهريون وقف هو۔(سيرت سيد الانبيا،ص۳۲۲)

وقف ڇا کي چئبو آهي

وقف جي تعريف اها آهي ته ڪنهن شيء کي پنهنجي ملڪيت مان ڪڍي خالص الله پاڪ جي ملڪيت ۾ ڏئي ڇڏڻ، هن طرح جو ان جو فائدو ربِّ ڪريم جي ٻانهن کي ملندو رهي۔

ابو دَحدَاح انصاري جو سخاوت جو جذبو

هڪ ٻيا تمام ئي پيارا صحابي حضرت سَيدُنا ابو دَحدَاح انصاريرَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪي غزوهءِ اُحُد ۾ شهادت جو عظيم شرف ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ انهن پنهنجي جان الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ قُربان ڪري ڇڏي، انهن جي مالي قرباني جو هڪ شاندار واقعو ٻڌو،

حضرتِ سَيدُنا عبدُالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جڏهن اها آيت نازل ٿي

مَنْ ذَا الَّذِیْ یُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا (پ۲، البقرۃ: ۲۴۵)     

ترجموڪنزالايمان: آهي  ڪو جيڪو الله کي قرض حسنه ڏئي.

ته حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڇا الله پاڪ چاهي ٿو ته اسان قرض ڏيون؟ ته آقاءِ نامدار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: ها۔ اي ابو دَحدَاح(رَضِىَ اللهُ عَنْه)! حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!، پنهنجو دستِ اقدس مون کي ڏيکاريو، حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح رَضِىَ اللهُ عَنْه مبارڪ هٿ پڪڙي عرض ڪيائون: مون پنهنجو باغ پنهنجي ربِّ ڪريم جي