Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

وڃجي! شهيدِ اُحد حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه تي! جڏهن پاڻ ٻڌو ته ربِّ ڪائنات کي اها ڳالھ پسند آهي ته ان جا ٻانها ان جي راھ ۾ خرچ ڪن ته پاڻ دل کولي راھ خدا ۾ خرچ ڪيائون، جڏهن ته اسان جو معاملو ان جي اُبتڙ آهي۔ افسوس! اسان جي سوچ اها بڻجي چڪي آهي ته جيڪڏهن مون راھ خدا ۾ خرچ ڪيو ته منهنجو گذارو ڪيئن ٿيندو؟ ڪٿان کائيندَس؟ منهنجا ٻار بکايل رهجي ويندا، منهنجو مال گھٽ ٿي ويندو، مون کي ته ذاتي گھر به ٺاهرائڻو آهي، مون کي ته ٻارن ٻارڙين جون شاديون به ڪرائڻيون آهن، مون کي ته فُلاڻي فُلاڻي شيء جي لاءِ رقم به گڏ ڪرڻي آهي، منهنجون ته ڪيتريون ئي مجبوريون به آهن وغيره وغيره۔ اسان جو ته هن ڳالھ ته پورو پورو ڀروسو هئڻ گھرجي ته راھ خدا ۾ مال خرچ ڪرڻ سان گھٽ ناهي ٿيندو بلڪ ويتر وڌي ويندو آهي، اسان کي ربِّ ڪريم جي رضا طلب ڪرڻ گھرجي، اسان کي ثوابِ آخرت جو حرص رکڻ گھرجي، اسان کي قناعت جي عُمده دولت سان مالا مال هئڻ گھرجي، اسان جي دل دنيا ۽ مالِ دنيا جي مَحَبَّت ۽ لالچ کان پاڪ و صاف هئڻ گھرجي.

الله پاڪ جي رضا وارا ڪم

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله ڪريم جي نيڪ ٻانهن جي نقشِ قدم تي هلندي اسان کي به دِين جي خاطر پنهنجو مال خرچ ڪرڻ، دِين جي خاطر وقت ڏيڻ ۽ الله ڪريم کي راضي ڪرڻ وارا ڪم ڪرڻ گھرجن۔ عام طور اڄڪلھ ماڻهن ۾ دنيا ۽ دنيوي مال کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ جو جذبو ته نظر ايندو آهي پر هاءِ! دِين جي خاطر مال ۽ وقت جي قرباني ڏيڻ جو جذبو هاڻي ختم ٿيندو پيو وڃي۔ اڪثر اسان جو مال ۽ وقت ٻئي فضوليات ۾ برباد ٿي رهيا آهن۔ اسان شناختي ڪارڊ بنائڻ جي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لائنن ۾ لڳڻ لاءِ تيار ٿي وينديون آهيون پر نماز پڙھڻ جي لاءِ پنهنجي ڪم ڪار جي قرباني ڏيڻ اسان کي پسند ناهي، جڏهن ته نماز پڙھڻ الله ڪريم جي رِضا جو سبب آهي، اسان عشقِ رسول جي دعويٰ ته ڪنديون آهيون پر آقا ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن تي عمل نٿيون ڪيون، اسان پنهنجي گھرن کي صاف سٿرو رکڻ ۽ پنهنجي گھر