Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan
لهجي واري، فضول ڳالهائڻ واري، دڙڪا ڏيڻ واري، مذاق مسخري ڪرڻ واري، ٽهڪ ڏئي کلڻ واري، بحث ۽ تڪرار ڪرڻ واري، پنهنجي ڳالھ تي هروڀرو اڙڻ واري، مَدَني مرڪز جي اطاعت نه ڪرڻ واري، مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مخالفت ڪرڻ واري ۽ سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ واري مُبَلّغه ڪڏهن به پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل نٿي ڪري سگھي، اهڙي مبلغه ته پاڻ کي به نقصان ۾ وجهندي آهي ۽ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي لاءِ به نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿي۔
ياد رکو! جيڪو ڪم ”نرمي“ سان ٿيندو آهي اهو ”گرم جوشي“ سان ناهي ٿيندو، تنهنڪري ڀلي ڪو ڪيترو ئي دل ڏکائي، سختي سان پيش اچي، مذاق اُڏائي ۽ ڌمڪيون ڏي تڏهن به مبلغه کي نرمي، ملنساري، صبر، شفقت، خاموشي ۽ حڪمتِ عملي سان ئي ڪم وٺڻ گھرجي، جيئن ته
حضرتِ سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيۡه نَقل فرمائن ٿا: ڪنهن بُزرگ پنهنجي پٽ کي نصيحت جو مَدَني گل عنايت ڪندي فرمايائون: نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري کي گھرجي ته پنهنجو پاڻ کي صَبر جو عادي بڻائي ۽ الله ڪريم جي طرفان نيڪي جي دعوت جي ملڻ واري ثواب تي يقين رکي۔ جنهن کي ثواب جو ڪامِل يقين هجي ان کي هن مبارَڪ ڪم ۾ تڪليف محسوس ناهي ٿيندي۔(احياء العلوم،۲ /۴۱۰)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! قرآنِ ڪريم جي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ٻين اسلامي ڀينرن کي سيکارڻ يقيناً تمام وڏي نيڪي جو ڪم آهي۔جيئن حضور نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ دلنشين آهي:خَيرُکمْ مَنْ تَعَلَّمَ الْقُراٰنَ و َعَلَّمَه يعني توهان ۾ بهترين شخص اهو آهي جنهن قرآن سکيو ۽ ٻين کي سيکاريو۔ (بخاري،ڪتاب فضائل القرآن،باب خيرڪم من تعلم القرآن وعلمه،۳ / ۴۱۰،حديث: ۵۰۲۷) اَلْحَمْدُلِلّٰه شهيدِ اُحد حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه اهي پيارا صحابي