Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

نمایاں ہیں اسلام کے گلستاں میں                                      ہر اِک گُل پہ رنگِ بہارِ صحابہ

رسالت کی منزل میں ہر ہر قدم پر                                   نبی کو رہا انتظارِ صحابہ

امین ہیں یہ قرآن و دِین خدا کے                                      مدارِ ہُدی اعتبارِ صحابہ

                                                                                              (کراماتِ صحابہ،ص۳۰)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪرڻ جي ڳالھ آهي! اڄ ماڻهو دنيا جي خاطر ته وڏي کان وڏي مصيبت ۽ آزمائش وڏي خوشي سان برداشت ڪندا آهن، دنيا ۽ دنيا جي مال خاطرڪنهن جي تنقيد جي پروا ناهن ڪندا پر شرعي احڪامن تي عمل ۽ مدني ڪم ڪرڻ ۽ سُنّتون اپنائڻ سبب جيڪڏهن مُعاشري ماڻهو يا گھر وارا مخالفت ڪن، مذاق اڏائن، ٺٺول ڪن ته انهن جي همت جواب ڏئي ويندي آهي، پوءِ هو جنهن بدبودار گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪري آيا هئا، ٻيهر ان ڏانهن موٽي ويندا آهن، ۽ دنيا دارن جيان دنيا جي رنگينين ۾ گُم ٿي ويندا آهن۔

اسلام ڪنهن شيء جو نالو آهي؟

اهڙن جي خدمت ۾ عرض آهي ته اسلام قُرباني جو تقاضو ڪندو آهي، اسلام استقامت جو تقاضو ڪندو آهي، اسلام مُعاشري جون تڪليفون برداشت ڪرڻ جو  تقاضوڪندو آهي، اسلام آزمائشن تي ثابت رهڻ جو تقاضو ڪندو آهي، اسلام خاطر تڪليفون برداشت ڪرڻ، مخالفتون سهڻ ۽ قُربانيون پيش ڪرڻ انبياءِ ڪرام، صحابَهءِ  ڪرام ۽ بزرگانِ دِين جو معمول رهيو آهي، جيڪڏهن اسلامي اَحڪام تي عمل مثال طور نماز پڙھڻ، شرعي پردو ڪرڻ ۽ سُنّتون اپنائڻ جي راھ ۾ پريشانيون ۽ آزمائشون اچن، گھڻين مخالفتن جو بازار گرم ٿي وڃي، گهڻو مذاق اُڏايو وڃي، طرح طرح سان دل ڏکائي وڃي، ڌمڪيون ڏنيون وڃن، ايستائين جو مارڪٽ ڪئي وڃي ته اهڙن موقعن تي دل ننڍي ڪري مَعَاذَالله فرض ۽ واجب، سُنّتن، مدني ماحول ۽ مدني ڪمن کان منهن موڙي ٻيهر انهيء گناهن ڀري زندگي جي دلدل ۾ موٽي وڃڻ هرگز عقلمندي ناهي بلڪ سراسر تباهي ۽ بربادي ۽ آزمائشن تي صبر نه ڪرڻ