Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي هن هفتيوار سُنّتن ڀري بيان جو موضوع آهي ”شُهداءِ اُحد جون قُربانيون“۔ جنهن ۾ اسان شُهداءِ اُحُد جي دِين جي خاطر پيش ڪيل، قربانين جي باري ۾ ٻڌنداسين۔ تنهنڪري دِلجمعي ۽ سٺين سٺين نيتن سان ابتداء کان آخر تائين بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريو، دنيا ۽ آخرت بهتر بنائڻ جا ڪيئي مَدَني گل حاصل ٿيندا۔ اِنْ شَآءَ الله

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غزوهءِ اُحد ۾ ستر انصارن ۽  پنج مهاجر صحابين سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان شهادت جو جام پيتو، هن مختصر بيان ۾ انهن سمورن شهيدن جو ذڪرِ خير ۽ دِين جي لاءِ انهن جي قربانين کي بيان ڪرڻ يقيناً ناممڪن آهي، تنهنڪري انهن مان ڪجھ شُهداءِ ڪرام جي دِين جي خاطر قربانين جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا۔ شُهداءِ اُحد مان الله پاڪ ۽ رسولِ اڪرم، شفيعِ اُمَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مَحَبَّت ڪرڻ واري، قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ واري، جنگِ اُحُد ۾ شريڪ ٿيڻ واري، سڀ کان پهريان حق جي دعوت ڏيڻ واري، پرهيزگارن جو سردار، نيڪين ۾ اڳرائي ڪرڻ واري، واعدو پورو ڪرڻ واري، تڪلف ۽ بناوٽ کان پاڪ، مخلص ۽ محبت ۽ خوف ۾ مغلوب رهڻ واري مشهور صحابي رسول حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير داري رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جي پاڪيزه ذات به آهي، سندن جو تعلق امير گھراڻي سان هو، پاڻ نهايت شاهاڻي زندگي گذاريندا هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه بهترين کان بهترين عاليشان لباس پائيندا هئا،حضرت عمير رَضِىَ اللهُ عَنْه  پنهنجي والدين جا نهايت پيارا ۽ دادلا هئا، پر جڏهن اسلام قبول ڪيائون، ته سندن کي اسلام آڻڻ کان پوءِ پنهنجي گھر وارن جي طرفان گھڻيون تڪليفون  ڏيون ويون، پر پوءِ به سندن جا حوصلا گھٽ نه ٿيا بلڪ ويتر اسلام جي محبت سندن جي دل ۾  وڌندي