Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

ٻين ڪيئي ڪمن ۾ ايترو ته مصروف (Busy) ڪري ورتو آهي جو اسان وٽ انهن کي قرآن سيکارڻ ۽ انهن جي اصلاح ڪرڻ جي فُرصت ناهي۔

اسان غور ڪريون ته ڇا اسان قرآنِ ڪريم سکڻ سيکارڻ جي فضيلتن کي وساري ڇڏيو آهي؟ ڇا اسان آقاءِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن کي وساري ته ناهي ڇڏيو؟ ڇا اسان بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيهمْ اَجْمَعِين جي دِين جي لاءِ پيش ڪيل قربانين کي وساري ته ناهي ڇڏيو؟ ڇا اسان جي اندر اصلاحِ اُمّت جو درد ختم ته ناهي ٿي ويو؟

ڇا اسان جي اندر دينِ اسلام جي سَربلندي ۽ مسلمانن جي خير خواهي جي لاءِ صرف ٻه ڪلاڪ به نه آهن؟ ڇا اسان وٽ مدرسة المدينه بالغان ۾ حاضر ٿي قرآنِ ڪريم سکڻ يا عاشقانِ رسول کي قرآنِ ڪريم سيکارڻ جي لاءِ صرف 45 منٽ به نه آهن؟ آخر مدرسة المدينه بالغان کي ڪير آباد ڪندو؟ عاشقانِ رسول کي قرآنِ ڪريم ڪير سيکاريندو؟ انهن کي نماز، وضو، غُسل ۽ پاڪي ناپاڪي جا احڪام ڪير سيکاريندو؟ انهن جي اِصلاح ڪير ڪندو؟ انهن کي سُنتون ڪير سيکاريندو؟ انهن کي مَدَني قافلن جو مسافر ڪير بڻائيندو؟ انهن کي عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪير ڪندو؟ انهن کي ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڪير ڏياريندو؟ ته اچو! گڏجي نعرو لڳايون ٿا:

صبح و شام،،،12مَدَني ڪم ۔۔۔صبح و شام ،،،12مَدَني ڪم۔۔۔صبح و شام،،،12مَدَني ڪم

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مدرسةالمدينه بالغان “

اي عاشقانِ رسول! ياد رهي! ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم”مدرسة المدينه بالغان“ به آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت جا ڪيئي فائدا ۽ برڪتون آهن۔ ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان قرآنِ پاڪ دُرست پڙھڻ جو هڪ ذريعو آهي ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان نماز، وُضو ۽ غُسل وغيره بعض ضروري اَحڪام سکڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ حاضِري جي بَرَڪت سان سٺي صُحبت ملي ٿي، ٭ مَدرَسة