Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

سڀئي مرد ۽ عورتون مسلمان ٿي چڪا هئا۔ (البدايۃ والنهايۃ،باب بدء اسلام الانصار،۲ /۵۲۷ تا۵۲۹ملخصاً)

سارا قَبِیْلَہ اِیماں لایا میٹھے بول کی بَرَکت سے

بنتے کام بگڑ جاتے ہیں سُن لو بے جا شِدَّت سے

                                                                             (نیکی کی دعوت،ص۵۱۵)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! صحابي رسول ۽ شهيدِ اُحد حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير جو نيڪي جي دعوت جو انداز ڪيترو مٺو مٺو ۽ پيارو پيارو هو جو جنهن قبيلن جي وڏن وڏن سردارن کي پنهنجو عاشق بڻائي ڇڏيو هو، سردارن سختي ڪئي پر پاڻ گھٻرايائون نه بلڪ حڪمتِ عملي جو سهارو وٺي قرآني آيتون ٻُڌائي ٻڌائي جلد ئي انهن کي اسلام ڏانهن مائل ڪري ورتائون، سندن جي مٺن ٻولن جي برڪت سان انهن جون دليون نرم ٿي ويون، پوءِ اهي پنهنجي سڄي قبيلي سميت مسلمان ٿي ويا۔

مُبَلّغ کي ڪيئن هئڻ گھرجي؟        

      هن واقعي مان جتي اسان کي حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَيررَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي دِين خاطر قرباني جي خبر پئي، اتي اهو اهم ترين مدني گل به مليو ته نرمي، بُردباري، صبر، قوتِ برداشت، ملنساري، خوش اخلاقي ۽ جذبات تي قابو رکڻ جهڙين خوبين وارو هئڻ هڪ ڪامياب مُبَلّغ جي لاءِ بيحد ضروري آهي۔ سختي، غُصّي ۽ بداخلاقي سان پيش اچڻ وارو، اَڙي اوئي ۽ بازاري لهجي وارو، فضول ڳالهائڻ وارو، دڙڪا ڏيڻ وارو، مذاق مسخري ڪرڻ وارو، ٽهڪ ڏئي کلڻ وارو، بحث ۽ تڪرار ڪرڻ وارو، پنهنجي ڳالھ تي هروڀرو اڙڻ وارو، مَدَني مرڪز جي اطاعت نه ڪرڻ وارو، مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مخالفت ڪرڻ وارو ۽ سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻ وارو مُبَلّغ ڪڏهن به پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل نٿو ڪري سگھي، اهڙو مبلغ ته پاڻ کي به نقصان ۾ وجهندو آهي ۽ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي لاءِ به نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔

      ياد رکو! جيڪو ڪم ”نرمي“ سان ٿيندو آهي اهو ”گرم جوشي“ سان ناهي