Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

اي عاشقانِ صحابه ۽ اَهلِ بَيت! اسان شهيدِ غزوهءِ اُحُد جي قربانين جي باري ۾ ٻُڌي رهيا هئاسين۔ ٻين صحابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان به هن غزوي ۾ قُربانيون ڏنيون آهن، ياد رکو! شُهداءِ اُحد الله ڪريم جا اهي مقرب ٻانها ۽ رسولِ بي مثال، بي بي آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اهي حقيقي جان نثار صحابي آهن، جن دينِ اسلام جي خاطر نه صرف پنهنجي قيمتي جانن جو نذرانو پيش ڪيو بلڪ الله پاڪ جي رِضا ۽ ثوابِ آخرت ڪمائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪثير ۽ قيمتي مال به اسلام جي خاطر راھ خدا ۾ پيش ڪري ڇڏيو هو، انهن جڳمڳائيندڙ تارن ۾ ٻه روشن تارا صحابي رسول حضرتِ سَيدُنا مُخَيرِيق ۽ حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح انصاري به آهن۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هنن ٻنهي حضرات جو راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو جذبو ملاحظه ڪريو،

اسلام ۾ سڀ کان پهريون وقف

هڪ تمام گھڻو علم رکڻ وارا صحابي حضرتِ سَيدُنا مُخَيرِيق رَضِىَ اللهُ عَنْه کوڙ جائيدادن ۽ 7 باغن جا مالڪ هئا، پاڻ وَصِيت فرمايائون ته جيڪڏهن مان شهيد ٿي وڃان ته منهنجو سمورو مال نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ملڪيت هوندو، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪو چاهين ڪن، جڏهن رسولِ اَڪرم، شاھِ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غزوهءِ اُحد تان واپس تشريف وٺي آيا ته انهن جائيدادن (Properties) ۽ باغن کي پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وقف فرمائي ڇڏيو، اسلام ۾ اهو سڀ کان پهريون وقف هو۔(سيرت سيد الانبيا،ص۳۲۲)

وقف ڇا کي چئبو آهي

وقف جي تعريف اها آهي ته ڪنهن شيء کي پنهنجي ملڪيت مان ڪڍي خالص الله پاڪ جي ملڪيت ۾ ڏئي ڇڏڻ، هن طرح جو ان جو فائدو ربِّ ڪريم جي ٻانهن کي ملندو رهي۔

ابو دَحدَاح انصاري جو سخاوت جو جذبو