Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ پڙهائڻ جي سعادت ملي ٿي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان عِلمِ دِين جي دَولت نصيب ٿيندي آهي،٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي۔ اچو! مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ پڙھڻ جي بَرَڪت تي مُشتَمِل هڪ مَدَني بهار ٻڌو،

مدرسة المدينه بالغان جي برڪت

بابُ المدينه (ڪراچي) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان اڳ ۾ فلمون ڊراما ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ ۽ بدنگاهي ڪرڻ جو عادي هو، نمازن جي پابندي جو به ذهن نه هو۔ اتفاق سان هڪ دفعي ان جي ملاقات سفيد لباس پاتل سبز سبز عمامو سجايل هڪ اسلامي ڀاءُ سان ٿي، ان انفرادي ڪوشش ڪندي ان کي مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان دعوت قبول ڪندي مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ پڙھڻ شروع ڪيو، اَلْحَمْدُ لِلّٰه مدرسة المدينه (بالغان) جي برڪت سان هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ان جو معمول بڻجي ويو، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جو مريد به ٿي ويو۔ نمازي ۽ مسجد ۾ درس ڏيڻ وارو بڻجي ويو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه هاڻي فلمون ڊراما، گانا باجا، بدنگاهي وغيره گناهن کي ڇڏي چڪو آهي ۽ پنهنجي گھر وارن تي به انفرادي ڪوشش ڪندي انهن کي به نمازي بنائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي۔

سَنور جائے گی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ                          تم اپنائے رکھو سَدا مَدَنی ماحول

تمہیں لُطْف آجائے گا زندگی کا                               قریب آکے دیکھو ذرا مَدَنی ماحول

تمہیں لُطْف آجائے گا زندگی کا                               قریب آکے دیکھو ذرا مَدَنی ماحول