Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! شهيدِ اُحد حضرت سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه اهي عظيم صحابي رسول آهن، جن جي ذات ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ جو مَدَني جذبو تمام گھڻو ڀريل هو۔ سندن رَضِىَ اللهُ عَنْه  پنهنجي جان تري تي رکي به دينِ اسلام جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ پرچمِ اسلام کي بلند ڪرڻ جي لاءِ پري پري جا سفر اختيار ڪيائون۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه سندن ڪوششن سان ڪيئي غير مسلمن کي دولتِ ايمان نصيب ٿو ۽ اهي ڪلمو پڙهي دامنِ اسلام سان وابسته ٿيا،

هڪ ڀيري ٻنهي جھانن جي سردار، مڪي مَدَني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شريعي احڪام سيکارڻ جي لاءِ حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه کي مديني شريف روانو ڪيائون، پاڻ اتي خوب اسلام جي احڪامن جي تبليغ فرمائي ۽ پوءِ تقريباً قبيله اَوس ۽ خَزرَج جي 500، هڪ روايت جي مطابق 300 ماڻهن جو قافلو وٺي حاضر ٿيا ۽ انهن سڀني اسلام قبول ڪيو۔

سڄو قبيلو مسلمان ٿي ويو

حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ عَنْهُ حضرت سيِّدُنا اَسعَد بن زُراره رَضِىَ اللهُ عَنْه سان گڏ راهِه خدا ۾ سفر تي روانا ٿيا ته قبيلي بني ظفر جي باغ ۾ ”مَـرَق“ نالي کوهه تي ويهي رهيا، انهن ٻنهي وٽ بنو اسلم قبيلي جا ڪجھ ماڻهو گڏ ٿيا، انهن جا وڏا سردار سعد بن مُعاذ ۽ اُسَيد بن حُضَير به هئا جن اڃان اسلام قبول نه ڪيو هو، حضرت سيِّدُنا  سعد بن مُعاذ حضرت سيِّدُنا اَسعَد بن زُراره رَضِىَ اللهُ عَنْه جا ماسات هئا، سعد بن معاذ اُسَيد بن حُضَير کي موڪليو ته انهن ٻنهي مُبَلِّغن کي ڌڙڪا ڏئي روڪي ڇڏيو جو هي اسان جي ڪمزور ماڻهن کي (مَعَاذالله) ورغلائڻ جي لاءِ آيا آهن، اُسَيد بن حُضَير پنهنجو نيزو کنيو ۽ انهن وٽ پهچي ويو، ايندي ئي انهن کي بُرو ڀلو چوڻ شروع ڪيو ۽ ڌمڪي ڏنيائين ته جيڪڏهن زندگي پياري اٿوَ ته هتان کان هليا وڃو، حضرت سيِّدُنا مُصۡعَب بِن عُـمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه (انفرادي ڪوشش جو آغاز ڪندي نهايت) نرمي ۽ مٺاس وارو لهجو