Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

پنهنجي گھر جي چمڪ ڌَمڪ برقرار رکڻ لاءِ کوڙ سارو پيسو خرچ ڪندا آهن، پر پنهنجي علائقي جي مسجد ۽ مدرسي جي تعمير ۾ پنهنجي حيثيت مطابق چندو نٿا ڏين جڏهن ته مسجد ۽ مدرسي جي تعمير ۾ چندو ڏيڻ الله ڪريم جي رضا جو سبب آهي، ڪيئي ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ چوڪن ۽ هوٽلن تي ويهي پنهنجو قيمتي وقت ضائع ڪندا آهن پر ڪم وبيش 7 منٽ جي مدني درس ۾ ويهڻ جي سعادت کان محروم رهجي ويندا آهن، جڏهن ته علمِ دين حاصل ڪرڻ جي نيت سان مدني درس ۾ شرڪت ڪرڻ الله پاڪ جي رضا جو سبب آهي، ماڻهو پنهنجي گھر ۽ ٻارن ٻچن کي ڇڏي ٻئي ملڪ يا ٻئي شهر وڃي نوڪري (Job) ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن پر هر مهيني اهو به صرف 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي لاءِ چيو وڃي ته انهن کي پنهنجو ڪاروبار ياد اچڻ لڳندو آهي، جڏهن ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ جي جذبي جي تحت مَدَني قافلن ۾ سفر ڪرڻ الله پاڪ جي رضا جو سبب آهي۔ پنهنجي ٻارن کي ڊاڪٽر، سرجن، انجنيئر، سائنس دان، ليڪچرار، پائلٽ، پروفيسر ۽ ڪمپيوٽر پروگرامر بنائڻ جي لاءِ ته هر ڪو ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر دِين جي لاءِ قرباني ڏئي انهن کي عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم جامعة المدينه ۾ داخلو ڏياري عالم بنائڻ وارا تمام گھٽ آهن، جڏهن ته عالمِ دين بنائڻ جي لاءِ جامعة المدينه ۾ داخل ڪرائڻ الله ڪريم جي رضا جو سبب آهي۔ تنهنڪري پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين کي جامعة المدينه للبنين ۽ جامعة المدينه للبنات ۾ داخل ڪرايو ۽ علمِ دين جي روشني ڦھلائڻ ۾ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔

جامعة المدينه

اي عاشقانِ رسول!اَلْحَمْدُلِلّٰه عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جا ڪم و بيش 107 شعبا قائم ڪيا آهن، انهن مان هڪ شعبو ”جامعة المدينه“ به آهي۔

اَلْحَمْدُلِلّٰه پاڪستان سميت ڪيئي ملڪن ۾ ڇھ سو سورهن (616)