Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

هڪ ٻيا تمام ئي پيارا صحابي حضرت سَيدُنا ابو دَحدَاح انصاريرَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪي غزوهءِ اُحُد ۾ شهادت جو عظيم شرف ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ انهن پنهنجي جان الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ قُربان ڪري ڇڏي، انهن جي مالي قرباني جو هڪ شاندار واقعو ٻڌو،

حضرتِ سَيدُنا عبدُالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: جڏهن اها آيت نازل ٿي

مَنْ ذَا الَّذِیْ یُقْرِضُ اللّٰهَ قَرْضًا حَسَنًا (پ۲، البقرۃ: ۲۴۵)     

ترجموڪنزالايمان: آهي  ڪو جيڪو الله کي قرض حسنه ڏئي.

ته حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڇا الله پاڪ چاهي ٿو ته اسان قرض ڏيون؟ ته آقاءِ نامدار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: ها۔ اي ابو دَحدَاح(رَضِىَ اللهُ عَنْه)! حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح رَضِىَ اللهُ عَنْه عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ!، پنهنجو دستِ اقدس مون کي ڏيکاريو، حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح رَضِىَ اللهُ عَنْه مبارڪ هٿ پڪڙي عرض ڪيائون: مون پنهنجو باغ پنهنجي ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ بطورِ قرض پيش ڪري ڇڏيو۔ حضرتِ سَيدُنا عبدُالله بن مسعودرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: انهن جي باغ ۾ 600 کجور جا وڻ ها، اُمِّ دَحدَاح ۽ انهن جا ٻار به انهيء ۾ رهندا هئا۔ حضرتِ سَيدُنا ابو دَحدَاح رَضِىَ اللهُ عَنْه آيا ۽ انهن آواز ڏنو: اي اُمِّ دَحدَاح (رَضِىَ اللهُ عَنْها)! انهن عرض ڪيو: لبيڪ مان حاضر آهيان، حضرتِ ابو دَحدَاح رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايائون: اوهان هن باغ مان نڪري هلو ڇوته مون هن باغ کي پنهنجي ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ بطورِ قرض پيش ڪري ڇڏيو آهي۔(شعب الايمان،باب في الزڪاة،۳/۲۴۹،حديث: ۳۴۵۲)

الله پاڪ کي قرض ڏيڻ مان ڇا مراد آهي؟

”تفسير صراطُ الجنان“ ۾ لکيل آهي: راھ خدا ۾ اِخلاص سان خرچ ڪرڻ کي قرض سان تعبير فرمايو، اهو الله ڪريم جو ڪمال درجي جو لطف و