Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

سيکاريو۔ (بخاري،ڪتاب فضائل القرآن،باب خيرڪم من تعلم القرآن وعلمه،۳ / ۴۱۰،حديث: ۵۰۲۷) حضرتِ سَيدُنا ابو عبد الرحمن سُلَمي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيۡه مسجِد ۾ قرآنِ پاڪ پڙھائيندا   ۽ فرمائيندا هئا: انهيء حديثِ مبارڪ مون کي هتي ويهاري رکيو آهي۔(فيض القدير،۳ /۶۱۸،تحت الحديث:۳۹۸۳)اَلْحَمْدُلِلّٰه شهيدِ اُحد حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه اهي پيارا صحابي آهن جن هن فرمانِ مُصطَفٰي تي عمل ڪندي نه صرف پاڻ کي نورِ قرآن سان منور ڪيو بلڪ جڏهن، جتي ۽ جنهن وقت به ضرورت پئي، پاڻ مخلوقِ خدا کي به فيضانِ قرآن سان فيض ياب ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي وقت جي قرباني پيش ڪيائون، ايستائين جو خدمتِ قرآن جي برڪت سان پاڻ پنهنجي زماني ۾ قاري مشهور ٿي ويا،

ماڻهن کي قرآن پڙھائيندڙ

      حضرتِ سَيدُنا بَراء بن عازِب رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته مڪي پاڪ کان مديني شريف هجرت ڪرڻ وارن ۾ اسان وٽ سڀ کان پهريان حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ ان کان پوءِ نابين (Blind) صحابي حضرتِ سَيدُنا عبدالله بن اُمّ مڪتوم رَضِىَ اللهُ عَنْه پهتا ۽ اهي ٻئي ماڻهن کي قرآن شريف پڙهائيندا هئا۔(فيضانِ فاروقِ اعظم،ص۴۶۱)

تبليغِ دين جي لاءِ ڪوششون

حضرتِ سَيدُنا عُروَه بن زُبيررَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته جڏهن اَنصار بَيعَتِ عَقَبه اُولي کان پوءِ ائندي سال مَوسَمِ حج ۾ ملڻ جو واعدو ڪري پنهنجي قوم ڏانهن واپس موٽيا۔ ته واپَس موٽي اُنهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏانهن پيغام (Message) موڪليو ته اسان وٽ ڪنهن اهڙي شخص کي موڪليو، جيڪو ماڻهن کي قرآنِ پاڪ پڙھائي۔ پوءِ رسولِ انور، آمنه جي دلبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بِن عُمَير رَضِىَ اللهُ عَنْه کي انهن ڏانهن موڪليائون۔ پاڻ قبيله بني غَنَم جي حضرتِ سَيدُنا اَسعَد بِن زُراره رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ ترسيا ۽ ماڻهن کي قرآنِ پاڪ پڙھائڻ لڳا۔ ان سان گڏوگڏ ٻين ماڻهن وٽ وڃي انهن کي