Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

جامعاتُ المدينه قائم آهن، جن ۾ ڪم و بيش ٻاونجاھ هزار اٺ سو ٽيتاليھ (52843)، شاگرد ۽ شاگردياڻيون درسِ نظامي(عالِم ڪورس) جي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن جڏهن ته اٺ هزار ڇھ سو ستانوي (8697) شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم مڪمل ڪري سندِ فراغت به حاصل ڪري چڪيون آهن۔

اَلْحَمْدُلِلّٰه جامعات المدينه ۾ شاگرد سڳورن کي مفت(Free) تعليم سان گڏوگڏ قيام، طعام ۽ ضروري سهولتون (مثال طور ڪمپيوٽر ليب، مطالعي جي لاءِ مناسب جڳھ ۽ ڪتاب، طِبّي علاج جي لاءِ ادويات وغيره) به بِلا مُعاوَضه فراهم ڪيون وينديون آهن۔ اوهان به پنهنجو نالو خوش نصيبن ۾ داخل ڪرايو ۽ پنهنجن ٻارن کي جامعة المدينه ۾ داخل ڪرايو، پنهنجي ڀائرن، دوستن، عزيزن ۽ ٻين رشتيدارن تي انفرادي ڪوشش ڪريو ۽ انهن کي پنهنجن ٻارن کي جامعة المدينه ۾ داخل ڪرائڻ جو ذهن ڏيو۔ هن سان جتي هر پاسي عِلمِ دين جي روشني ڦھلجندي ۽ جهالت جي اونداهي ختم ٿيندي اتي اوهان جي لاءِ به صدقه جاريه جو سلسلو ٿي ويندو۔ اِنْ شَآءَ الله

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                                  اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

علم سکڻ وارن جي لاءِ مدني گل

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي عِلْم سکڻ وارن جي باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1)فرمايائون: جيڪو شخص عِلم جي ڳولها جي لاءِ ڪنهن راھ تي هلي الله پاڪ ان جي لاءِ جنت جي راھ آسان ڪندو آهي۔([1])(2) فرمايائون: علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي۔(اِبن


 

 



[1] مسلم،کتاب الذکر والدعاء،باب فضل الاجتماع علی تلاوۃ القرآن وعلی الذکر،ص۱۱۱۰،حدیث:۶۸۵۳