Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

مال خرچ ڪرڻ سان گھٽ ناهي ٿيندو بلڪ ويتر وڌي ويندو آهي، اسان کي ربِّ ڪريم جي رضا طلب ڪرڻ گھرجي، اسان کي ثوابِ آخرت جو حرص رکڻ گھرجي، اسان کي قناعت جي عُمده دولت سان مالا مال هئڻ گھرجي، اسان جو سينو دنيا ۽ مالِ دنيا جي مَحَبَّت ۽ لالچ کان پاڪ و صاف هئڻ گھرجي، ربِّ ڪريم اسان کي حُبِّ دنيا ۽ مال جي محبت کان محفوظ فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

(ياد رهي!) مال برباد ڪرڻ جون ڪجھ صورتون آهن ۽ اهي سڀ حرام آهن: (1) ناجائز هنڌ تي خرچ ڪرڻ (2) اجايو مال لُٽائڻ (3) ٻار ٻچا هوندي ماڻهن ۾ مال ورهائڻ (4) سڄو مال خيرات ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد کي سوالي يا فقير بنائڻ۔ ها حضرت(سيدنا) ابوبڪر صديق(رَضِىَ اللهُ عَنْه) ۽ انهن جي ٻارن ٻچن جيان جيڪو صابر (صبر ڪرڻ وارو)، شاڪر (شڪر ڪرڻ وارو ۽) مُتَوَڪل (ربِّ ڪريم جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ وارو) هجي اهو سڀ خيرات ڪري نه ته اڄ خيرات ڪري سڀاڻي خيرات گھرندو اهو حرام آهي۔(مراة المناجيح، ۷/۱۱۶)

الله پاڪ جي رضا وارا ڪم

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله ڪريم جي نيڪ ٻانهن جي نقشِ قدم تي هلندي اسان کي به دِين جي خاطر پنهنجو مال خرچ ڪرڻ، دِين جي خاطر وقت ڏيڻ ۽ الله ڪريم کي راضي ڪرڻ وارا ڪم ڪرڻ گھرجن۔ عام طور اڄڪلھ ماڻهن ۾ دنيا ۽ دنيوي مال کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ جو جذبو ته نظر ايندو آهي پر هاءِ! دِين جي خاطر مال ۽ وقت جي قرباني ڏيڻ جو جذبو هاڻي ختم ٿيندو پيو وڃي۔ اڪثر ماڻهن جو مال ۽ وقت ٻئي فضوليات ۾ برباد ٿي رهيا آهن۔ ڪيئي ماڻهو پنهنجو ڪم ڪار ڇڏي بجلي، گيس جا بِل جمع ڪرائڻ، پاسپورٽ (Passport) ۽ شناختي ڪارڊ بنائڻ جي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لائنن ۾ لڳڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن پر جماعت کان نماز پڙھڻ جي لاءِ پنهنجي ڪم ڪار جي قرباني ڏيڻ انهن کي پسند ناهي، جڏهن ته باجماعت نماز پڙھڻ الله ڪريم جي رِضا جو سبب آهي، ڪيئي ماڻهو عشقِ رسول جي دعويٰ ته ڪندا آهن پر آقا ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن تي عمل نٿا ڪن، ماڻهو پنهنجي گھرن کي صاف سٿرو رکڻ ۽