Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

وئي، جيئن

حضرت سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَيررَضِىَ اللهُ عَنْه، نبين جي سُلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دارِ اَرقم ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اِسلام قبول ڪيائون پر گھر وارن ۽ قوم جي خوف سبب پنهنجو اِسلام لڪائي رکيائون۔ هڪ ڀيري ڪنهن سندس کي نماز پڙھندي ڏسي سندن جي گھر وارن کي خبر ڏني ته گھروارن قيد ڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  جون آسائشون تڪليفن ۾ بدلي ڇڏيون، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ ڏينهن اتان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ حبشه وڃي پهتا۔ لاڳيتو تڪليفون ۽ ايذيتون برداشت ڪرڻ جي ڪري سندن جي کل نانگ (Snake) جي سنهي کل جيان جسم کان جدا ٿيندي به ڏٺي وئي۔ (ماهنامه فيضان مدينه،جولائي۲۰۱۷،ص۱۹)

پریشانیوں میں زباں بند رکھنا                                        کئے جانا صبر اجر اس میں بڑا ہے

کوئی جھاڑ دے تب بھی نرمی برتنا                                        کئے جانا صبر اجر اس میں بڑا ہے

گو آفات و امراض ڈیرا جمائیں                                         کئے جانا صبر اجر اس میں بڑا ہے

(وسائل بخشش مرمم،ص۴۵۵)

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سُبْحٰنَ الله! شهيدِ اُحُد حضرت سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير جو جوشِ ايماني مرحبا! باوجود هن جي جو اسلام آڻڻ جي ڪري هر پاسي کان خوف وڌي چڪو آهي، گھر ۽ ٻاهر وارا سڀئي هروڀرو دشمني تي لهي آيا آهن، نمازون پڙھڻ سبب ظلم ۽ ستم جو نشانو بنايو پيو وڃي پر قربان وڃجي! رسولِ پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن سچي عاشق تي جنهن ايتري قدر تڪليفون ۽ مخالفتون برداشت ڪري گھر ڇڏي هجرت ڪرڻ ۽ کل جُدا ڪرائڻ ته پسند ڪيو پر اسلام ۽ نماز جي ادائيگي کان هڪ اِنچ به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه ٿيا۔ بيشڪ اهو سڀ الله ڪريم جو خاص فضل ۽ احسان ۽ رسولِ ڪريم، رؤف و رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحبتِ  جو فيض هو جو مشڪل گھڙي ۾ به پاڻ رَضِىَ اللهُ  تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي ارادي تي جبل جيان بيٺل رهيا۔