Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

اڄ جا مسلمان!

            افسوس! جو اڄڪلھ هن ڳالھ تي ذري برابر به غور نٿو ڪيو وڃي ته منهنجي عمل سان ٻين کي تڪليف ته نه پئي ٿئي۔ اڄ هن ڳالھ تي معمولي ڌيان به ناهي ڏنو ويندو ته منهنجي ڪنهن ڳالھ سان ٻين کي تڪليف ته نه پهچندي۔ افسوس! اهي مسلمان جيڪي پوري انسانيت جا محافظ هئا هاڻي انهن مان ڪجھ ٻين جي لاءِ جان جي مصيبت بڻيل نظر اچن ٿا، اهي مسلمان جن جو دين ٻانهن جي حقن کي ادا ڪرڻ جهڙي سنهري تعليمات سان لبريز آهي اڄ اهي ئي مسلمان پنهنجي دين جي اهڙن سنهري اصولن کي وساريندي نظر اچن ٿا، اهي مسلمان جن جا بزرگانِ دين پاڻ پريشاني ۾ مبتلا ٿي ٻين جي مدد (Help) ڪندا هئا اڄ انهيء بزرگن جا مڃيندڙ ٻين جي پريشانيء جو سبب بڻجندي نظر اچن ٿا۔ اهي مسلمان جن کي هر هڪ جو خير خواه هئڻ گھرجي، اڄ انهن مان ڪجھ ٻين جي بدخواهي ۾ مبتلا نظر اچن ٿا۔ اهي مسلمان جيڪي هڪ مضبوط عمارت جيان هئا، اڄ انهن مان ڪجھ ان عمارت کي ڪمزور ڪندي نظر ايندا آهن۔ اهي مسلمان جيڪي هڪ جسم جيان هئا، اڄ انهن مان ڪجھ ٻين جي ڏکن جو سبب بڻجندا آهن۔

موجوده دور ۾ ايذاءِ مسلم جا ڪجهه طريقا

      اسان جي معاشري ۾ ڪيئي اهڙا ڪم ڪيا ويندا آهن جيڪي ٻين جي ايذا ۽ تڪليف جو سبب ٿيندا آهن، ائين ڪرڻ وارن کي روڪڻ يا انهن جي اصلاح ڪرڻ به وڏي همت جو ڪم آهي۔ ٿورو ٽوڪڻ تي هي ڪاوڙ ۾ اچي قابوءَ کان ٻاهر ٿي سگھن ٿا ۽ ٻين جي بي عزتي ڪرڻ ۾ ٿورو به نٿا ڪيٻائن۔ اچو! ڪجھ انداز ٻڌون ٿيون ۽ اهو عهد ڪيون ٿيون ته جيڪڏهن اسان ۾ انهن مان ڪجھ به موجود آهي ته آٓئنده ان کان بچڻ جي پوري ڪوشش ڪنديون سين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 

      ٭ اڄڪلھ شادين ۾ شور شرابو ۽ هل هنگامو ڪري ٻين کي ايذاء ڏنو ويندو آهي ۔ ٭ غلط (Wrong) پارڪنگ ۽ مختلف تقريبن ۽ فنڪشنز جي لاءِ گھٽين کي بند ڪري اچڻ وڃڻ وارن کي ايذايو ويندو آهي۔ ٭ اهڙي طرح گهٽين ۾ ملبو ۽ گند ڪچرو وغيره اڇلائي به ٻين جي ايذاء جو سبب بڻيو ويندو آهي۔ ٭ گهٽين ۾ ڪرڪٽ ۽ فٽ بال وغيره به ٻين جي نقصان ۽ تڪليف جو سبب ٿين ٿا۔ ٭ خاص ڪري رَمَضان جي مقدس راتين ۾ گهٽين