Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

مهاجر اهو آهي جيڪو گناھ کي ڇڏي ڏئي ۽ ان کان بچي۔     (مسند امام احمد، مسند عبد اللّٰه بن عمرو بن العاص،۲/۶۵۴،حديث: ۶۹۴۲)

3۔  فرمايائون: هڪ ٻئي سان حسد نه ڪريو، گراهڪ کي ڌوڪو ڏيڻ ۽ قيمت وڌائڻ جي لاءِ دڪاندار سان ملي ڪوڙو هوڪو نه لڳايو، هڪ ٻئي سان بغض نه ڪريو، هڪ ٻئي سان منهن نه موڙيو، ڪنهن جي سودي تي سودو نه ڪريو ۽ اي الله جا ٻانهو! ڀاءُ ڀاءُ بڻجي وڃو، مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي، ان تي نه ظلم ڪري، نه ان کي رسوا ڪري، نه حقير سمجھي۔ پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي سيني ڏانهن اشارو ڪري ٽي ڀيرا فرمايائون: تقويٰ هتي آهي ۽ ڪنهن شخص جي برائي جي لاءِ ايترو ڪافي آهي ته هو پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي برو سمجھي، هڪ مسلمان جو رت، ان جو مال ۽ ان جي عزت۔  ٻئي مسلمان تي حرام آهي،

  (مسلم، ڪتاب البر والصلة والآداب، باب تحريم ظلم المسلم۔۔۔ الخ، ص۱۰۶۴، حديث: ۶۵۴۱)

  صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!غور ڪريو! ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ڪيتري پياري تعليم ڏئي رهيا آهن۔ ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ڪيتريون سٺيون ڳالهيون سيکاري رهيا آهن۔ ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ترغيب ڏئي رهيا آهن ته هڪ ٻئي سان حسد نه ڪريو! ٭ اسان جا آقا اسان کي سيکاري رهيا آهن ته هڪ ٻئي سان بغض نه رکو! ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي سيکاري رهيا آهن ته هڪ ٻئي تي ظلم نه ڪريو! ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو ٻڌائي رهيا آهن ته حقيقي مسلمان اهو ئي آهي جيڪو ڪنهن کي رسوا نه ڪري۔ ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته سٺو مسلمان اهو ئي آهي جنهن کان ٻين جي جان ۽ مال محفوظ رهي۔ ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو ٻڌائي رهيا آهن ته حقيقي مسلمان اهو ئي آهي جيڪو ڪنهن کي حقير نه سمجھي۔ ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو ارشاد فرمائي رهيا آهن ته حقيقي مسلمان اهو ئي آهي جيڪو ٻين جي عزت ڪري۔ هاڻي اسان کي سوچڻ گھرجي ته اسان پنهنجي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانن تي عمل ڪري رهيون آهيون يا نه؟