Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

غيبي هدايت

      حضرت مِسعَر بن ڪدام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان امامِ اعظم ابو حنيفه نعمان بن ثابت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان گڏ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته بي خيالي ۾ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مُبارَڪ پير هڪ ڇوڪري جي پَير تي پئجي ويو، ڇوڪري کان رڙ نڪري وئي ۽ اُن جي واتان بي اختيار (اهو جملو) نڪتو: يا شَيخ!اَلَا تَخَافُ الْقِصَاصَ يوْمَ الْقِيامَۃِ! سائين! ڇا اوهان قِيامت جي ڏينهن ورتي ويندڙ انتِقامِ خُداوندي کان نٿا ڊڄو؟‘‘ اهو ٻڌي امام اعظم تي خوف طاري ٿي ويو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيا، ڪجھ دير کان پوءِ جڏهن هوش آيو ته حضرت مِسْعَر بن ڪدامرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه عرض ڪيو ته هڪ ڇوڪري جي ڳالھ سبب اوهان ايتري قدر ڇو گھٻرائجي ويا؟ ارشاد فرمايائون: ڪهڙي خبر ان جو آواز غيبي هدايت هجي۔        (اَلْمَناقِب لِلْمُوَفَّق ،الجز ء الثاني ،ص۱۴۸)

ہو نائبِ سَرْوَرِ دو عالَم، امامِ اعظم ابوحنیفہ

سِراجِ اُمّت فقیہِ اَفْخَم، امامِ اعظم ابوحنیفہ

عَطا ہو خَوفِ خُدا خُدارا! دو اُلْفَتِ مُصْطَفٰے خُدارا