Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

مؤمنن کي ايذاء نه ڏيو

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!هڪ سنهري دور اهڙو به هو جڏهن انسان ته انسان ڪنهن جانور ايستائين جو ڪيولي تائين کي تڪليف نه ڏيڻ جو ذهن هوندو هو، وڏا به انهيء ذهن جا مالڪ هوندا هئا ۽ پنهنجن ننڍن کي به اهو ئي رنگ ڍنگ سيکاريندا هئا، پر هاڻي حالت ڏينهو ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي۔ ٻين کي تڪليف ڏيڻ جو رجحان تيزي سان وڌندو پيو وڃي۔ هڪ مسلمان ئي ٻئي مسلمان کي تڪليف ڏيندي نظر ايندو آهي۔ جڏهن ته بنا سبب جي ٻئي مسلمانن کي تڪليف ڏيڻ ۽ ايذاء پهچائڻ حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ سيپاري 30 سورة البروج آيت 10 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ الَّذِیْنَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِ ثُمَّ لَمْ یَتُوْبُوْا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَ لَهُمْ عَذَابُ الْحَرِیْقِؕ(۱۰)

 ترجمو: بيشڪ جن تڪليف ڏني مسلمان مردن ۽ مسلمان عورتن کي پوءِ توبھ نه ڪيائون پوءِ انهن جي واسطي جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن جي واسطي باھ جو عذاب آهي

  تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت سڳوري تحت لکيل آهي: بيشڪ اهي ماڻهو جن مسلمان مردن ۽ مسلمان عورتن کي تڪليفون ڏئي آزمائش ۾ مبتلا ڪيو، پوءِ پنهنجي هن عمل سان توبه نه ڪيائون ته انهن جي لاءِ آخرت ۾ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن جي لاءِ (قبر ۾ به) باھ جو عذاب آهي۔ (صراط الجنان، ۱۰/۶۰۸)

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!معلوم ٿيو ته ٻين کي ايذاء ڏيڻ، انهن کي تڪليفون ڏيڻ، انهن جا حق روڪڻ، انهن جون دل آزاريون ڪرڻ ۽ ناحق انهن جي دل ڏکائڻ اهي سڀ ڪم جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا آهن۔ تنهنڪري اسان کي هر ان ڪم کان بچڻ گھرجي جن سان ٻين کي تڪليف پهچي۔

اهي ماڻهو جيڪي ٻين کي هروڀر تڪليف ڏين ٿا، بي قصورن کي ستائيندا آهن ۽ ٻين جي ايذاء جو سبب  بڻجندا آهن، قرآنِ پاڪ ۾ اهڙن جي لاءِ هڪ ٻي هنڌ تي اِرشاد فرمايو ويو: