Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

جي ڏينهن ان کي ڪرامت جو جوڙو پارائيندو۔ (ابن ماجه، ڪتاب الجنائز ، باب ماجاء في ثواب من عزي مصابا، رقم ۱۶۰۱،۲/ ۲۶۸) ٭ تعزيت جي معنيٰ آهي: مصيبت زده کي صبر جي تلقين ڪرڻ۔ ٭ تعزيت مسنون (يعني سنّت) آهي۔ (بهار ِشريعت ،۱/۸۵۲) ٭ دفن کان پهريان به تعزيت جائز آهي، پر افضل اهو آهي ته دفن کان بعد ٿئي ان وقت جو جڏهن ميت جا وارث روڄ راڙو نه ڪندا هجن، نه ته انهن جي تسلي جي لاءِ دفن کان اڳ ۾ ئي ڪري۔ (الجوهرة النيرة، ڪتاب الصلاة، باب الجنائز، ص۱۴۱) ٭ عورت کي ان جا محارم ئي تعزيت ڪن۔ تعزيت ۾ اهو چوي ، الله پاڪ ميت جي مغفرت فرمائي ۽ ان کي پنهنجي رحمت ۾ جڳھ عطا فرمائي۔ (بهار شريعت،۱/۸۵۲) ٭ ميت جي مٽ مائٽ ۽ عزيرن جو گھر ۾ ويهڻ ته ماڻهو انهن وٽ تعزيت لاءِ اچن ان ۾ حرج ناهي ۽ مڪان جي دروازي تي يا شارعِ عام (ماڻهن جي گزرڻ جي واٽ) تي فراسيون يا چادرون وڇائي ويهڻ بُري ڳالھ آهي۔ (الدرالمختار، ڪتاب الصلاة، مطلب في ڪراھة الضيافة من اھل الميت،۳/ ۱۷۶)  ٭۽ دفن کان پوءِ ميت جي گھر اچڻ ۽ تعزيت ڪري پنهنجي پنهنجي گھر وڃڻ جيڪڏهن اتفاقاً هجي ته حرج ناهي ۽ ان جي رسم ٺاهڻ نه گھرجي ۽ ميت جي گھر تعزيت جي لاءِ ماڻهن جو مجموعو ڪرڻ دفن کان پهريان هجي يا بعد ۾ انهي وقت هجي يا ڪنهن ٻي وقت خلاف اَوليٰ آهي ۽ ڪريو ته گناھ به ناهي۔ (بهار شريعت،۱ / ۸۵۳) ٭ جيڪو هڪ ڀيري تعزيت ڪري اچي ان کي ٻيهر تعزيت جي لاءِ وڃڻ مڪروه آهي۔  (الدر المختار، ڪتاب الصلاة، باب صلاة الجنازة، ج۳، ص۱۷۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں۽آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو.

اعلان

يڪم رمضان المبارڪ کان 20 ڏينهن جو مختصر ڪورس ”فيضانِ تلاوتِ قرآن“ علائقي سطح تي شروع ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ اسلامي ڀينرن کي تلاوتِ قرآن ٻڌڻ سان گڏو گڏ ترجمو ۽ تفسير (دلچسب قرآني واقعا) ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿيندي تمام اسلامي ڀينرن کي مدني التجاء آهي ته هن ڪورس ۾ نه صرف پاڻ شرڪت ڪيو بلڪ ٻين اسلامي ڀينرن تي انفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به هن ڪورس ۾ داخلا ڏياريو.