Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

۾ گيمز کيڏڻ جي ڪري ٿيندڙ شور ته کوڙ ماڻهن جي تڪليف جو سبب ٿيندو آهي۔ ٭ سائلنسر نڪتل موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن جو شور به مسلمانن جي ايذاءُ جو سبب ٿيندو آهي۔ ٭ ڪجهه بدنصيب مختلف جرمن  ۾ ملوث ٿي ٻين کي ايذاء پهچائن ٿا۔ ٭ ڪنهن جو نالو بگاڙي ٻين جي ايذاء جو سبب بڻجڻ به عام ٿيندو پيو وڃي۔ ٭ ڪجهه نادان گھرن ۾ خوب شور شرابو، بلند آواز سان ٽي وي ۽ گانا هلائي آسپاس جي پاڙيسرين جي ايذاء جو سبب ٿيندا آهن۔ ٭ پاڙيسرين جي گھرن ۾ جھاتي پائڻ ۽ انهن جي عيبن جي ٽوهه ۾ رهڻ به انهن کي ايذاء ڏيڻ وارو ڪام آهي۔ ٭ گڏ ڪم ڪرڻ وارين جون چغليون هڻڻ به انهن کي ايذاء پهچائڻ وارو ڪم آهي۔ ٭ اهڙي طرح گاريون ڏيڻ، لعنت ڪرڻ، تهمت ۽ بهتان لڳائڻ، مذاق اڏائڻ ۽ ٺٺول ڪرڻ به ٻين کي ايذاء ڏيڻ وارو ڪم آهي۔ ٭ ٻين جو قرض ڦٻائڻ، انهن جي مال ۽ جائيداد تي قبضو ڪرڻ به ٻين جي ايذاءُ جو سبب آهي۔ الله پاڪ اسان کي ٻين کي ايذاء ڏيڻ کان بچائي ۽ ٻين جي خيرخواهي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

نِعمتِ اَخلاق کر دیجے عطا!                       یہ کرم یامصطفےٰ! فرمائیے

نفس و شیطاں کی شرارت دور ہو                     یہ کرم یامصطفےٰ! فرمائیے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مدني انعامات جي ترغيب:

      عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!جيڪڏهن اسان اهڙن عملن کان بچڻ چاهيون ٿيون جيڪي مسلمان جي تڪليف جو سبب بڻجن ٿا ته عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ((Associate ٿي وڃو ۽ جنهن کان جيترو ٿي سگھي، پنهنجي ٻين مصروفيتن مان ڪجھ نه ڪجھ وقت مدني ڪمن جي لاءِ ضرور ڪڍي، انهن مدني ڪمن ۾ شموليت جي برڪت سان اسان گناهن کان بچيل رهنديون سين، آخرت جي لاءِ نيڪين جو ذخيرو گڏ ٿيندو رهندو، نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارن خوش نصيبن ۾ اسان جو شُمار ٿيندو، چڱي صحبت مُيسّر ايندي۔ مدني ماحول سان وابسته ٿي مدني