Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سخت گفتگو نه فرمائيندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن جو عيب تلاش نه ڪندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صـرف اها ئي ڳالھ يا ڪم ڪندا هئا جيڪو باعثِ ثواب هجي ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مسافر يا اجنبي انسان جي سخت ڪلامي ۽ نا مناسب سوالن تي به صبر فرمائيندا  هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪو فضول ڳالهائيندو هو ته ان کي منع فرمائيندا هئا يا اتان کان اٿي ويندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ٽهڪ (يعني ايتري آواز سان کِلڻ جو ٻيا ماڻهو هجن ته ٻڌي وٺن) نه لڳائيندا هئا. ٭ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان فرمائن ٿا: پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀ کان وڌيڪ مرڪڻ وارا هئا (يعني موقعي جي مناسبت سان)۔ حضرت سَيدُنا عبدُالله بن حارث رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته مون رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان وڌيڪ مرڪڻ وارو ڪو ڏٺو ئي ناهي۔       (احترامِ مسلم ، ص۲۷، ۲۸ ملتقطاً)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

 (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

تعزيت جا مدني گل  

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اچو تعزيت ڪرڻ جا ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون۔ پهريان ٻه (2) فرمانِ مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَملاحظه ڪريو: (1) جيڪو ڪنهن مصيبت زده سان تعزيت ڪندو ان جي لاءِ ان مصيبت زده جيترو ثواب آهي۔ (ترمذي، ڪتاب الجنائز ،باب ماجاء في اجر من عزي مصابا، رقم:۱۰۷۵،۲/ ۳۳۸) (2) جيڪو مومن ٻانهو پنهنجي ڪنهن مصيبت زده ڀاءُ جي تعزيت ڪندو الله پاڪ قيامت