Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

انعامات تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃو۔ ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني اِنعامات، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو بهترين نُسخو آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارين کان اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيه گھڻا خوش ٿيندا ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت ملندي آهي ٭ مَدَني اِنعامات جو اهو عظيم تحفو بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي ياد ڏياري ٿو، ٭ مَدَني اِنعامات بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! جيڪڏهن اسان صحيح معني ۾ هن مدني انعامت تي عمل ڪرڻ واريون بڻجي وڃون ته يقين مڃو اسان جي شخصيت ۾ نکار اچي وڃي، اسان جا اخلاق سنورجي وڃن ۽ اسان نيڪ بڻجي وينديون سين جڏهن ته مذاق مسخري، طنز، دل آزاري، ٽهڪ ڏيڻ، اهي اهڙا ڪم آهن جيڪي ٻين اسلامي ڀينرن کي اسان کان پري ڪرڻ جو سبب ٿيندا آهن، پاڻ ۾ نفرت ڦهلائڻ وارا ڪم آهن، ڪاش! اسان هر هڪ سان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ خوش اخلاقي سان پيش اچڻ واريون بڻجي وڃون، محبتون ورهائڻ ۽ نفرتون مٽائڻ واريون بڻجي وڃون، مدني انعامات تي عمل ڪرڻ واريون بڻجي وڃو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻيو:

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اسان مسلمانن کي تڪليف ڏيڻ جي بابت ٻڌي رهيون هيون سين۔ ٻين کي ايذاءُ کان بچائڻ جي لاءِ بنيادي طور تي پنهنجي سوچ (Thinking) کي ٺيڪ ڪرڻ نهايت ضروري آهي۔ اڄ هڪ تعداد آهي جنهن جي ٻين کي ايذاءُ ڏيڻ مهل اها سوچ ٿي چڪي هوندي آهي ته منهنجي ائين ڪرڻ سان ڪجھ ناهي ٿيندو۔ يا جيڪڏهن مون اڪيليءَ اهڙو ڪيو ته ڇا ٿي پيو، يا منهنجي ڪرڻ سان ڇا ٿيندو آهي۔ يا ڪڏهن ڪڏهن ائين به هلندو رهندو آهي۔ يا صرف پنهنجو مطلب ڏسڻ گھرجي وغيره۔ ياد رکو! اها ئي اها سوچ آهي جنهن جي ڪري اسان جي معاشري ۾ ڪيئي خرابيون پيدا ٿيون آهن ۽ اها ئي اها سوچ آهي جيڪا ايذاءِ مسلم جي وڌندڙ واقعن جي وڏي