Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

وَ الَّذِیْنَ یُؤْذُوْنَ الْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِ بِغَیْرِ مَا اكْتَسَبُوْا فَقَدِ احْتَمَلُوْا بُهْتَانًا وَّ اِثْمًا مُّبِیْنًا۠(۵۸)(پ۲۲الاحزاب:۵۸)

تَرْجمو: ۽ جيڪي تڪليف ڏين ٿا ايمان وارن مردن ۽ عورتن کي بغير ڪنهن سبب جي پوءِ بيشڪ انهن پنهنجي مٿي تي بهتان ۽ کليو گناھ کنيو.

      تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت سڳوري تحت آهي: آيت جو خلاصو هي آهي ته جيڪي ماڻهو ايمان وارن مردن ۽ عورتن سان اهڙو سلوڪ(Behave) ڪن ٿا جنهن سان انهن کي اَذِيت پهچي جڏهن ته انهن اهڙو ڪجھ نه ڪيو هجي جو جنهن سبب انهن کي تڪليف ڏني وڃي ته انهن ماڻهن بهتان ۽ وڏي گناھ جو بار کنيو ۽ پاڻ کي بهتان جي سزا ۽ وڏي گناھ جي عذاب جو حق دار ڪيو آهي۔

 (صراط الجنان،۸/۸۸ ملتقطاً)

ايذاءِ مسلم ۽ احاديثِ طيبه

اي عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون! اهي اسلامي ڀينرون جيڪي ناحق ٻين اسلامي ڀينرن کي تڪليف ڏينديون آهن ۽ انهن کي بغير ڪنهن جرم جي تنگ ڪنديون آهن، اهي معاشري ۾ فساد پيدا ڪنديون آهن ۽ پاڻ کي جهنم جو حقدار بنائن ٿيون۔ يقيناً هڪ سٺي اسلامي ڀيڻ هن طرح جي ڪمن کان پاڻ کي پري رکندي آهي۔ اچو! انهيء باري ۾ ڪجھ حديث سڳوريون ٻڌون ٿيون:

1۔  فرمايائون: توهان ماڻهن کي (پنهنجي) شر کان محفوظ رکو، اهو هڪ صدقو آهي جيڪو توهان پنهنجي نفس تي ڪندؤ۔  (بخاري، ڪتاب العتق، باب اي الرقاب افضل، ۲/۱۵۰، حديث: ۲۵۱۸)

2۔  فرمايائون: ڇا توهان کي خبر آهي ته مسلمان ڪير آهي؟ صحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم عرض ڪيو: الله پاڪ ۽ ان جو رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وڌيڪ ڄاڻي ٿو۔ ارشاد فرمايائون: مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان (ٻيا) مسلمان محفوظ رهن۔ پوءِ ارشاد فرمايائون: توهان کي خبر آهي ته مؤمن ڪير آهي؟ صحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم عرض ڪيو: الله پاڪ ۽ ان جو رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وڌيڪ ڄاڻن ٿا۔ ارشاد فرمايائون ”مؤمن اهو آهي جنهن سان ايمان وارا پنهنجي جانن ۽ مالن کي محفوظ سمجھن ۽