Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

صاف ڪري مون کي مُسَلمان ڪيو۔ پوءِ اهو غَير مُسلِم امامِ اعظم (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) جي تقويٰ ڏسي مُسَلمان ٿي ويو۔           (تفسير ڪبير ج۱ص۲۰۴،بتغير)

جو بے مثال آپکا ہے تَقْویٰ،  توبے مثال آپکا ہے فَتْویٰ

ہیں علم و تَقْویٰ کے آپ سنگم،امامِ اعظم ابوحنیفہ

    (وسائلِ بخشش  مُرمّم، ص۵۷۳)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ٻين کي ستائڻ:

عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون!اوهان ٻڌو! اسان جا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ماڻهن جي حقن جي معاملي ۾ الله پاڪ کان ڪيتري قدر ڊڄندا هئا، هن حڪايت مان انهن کي درس حاصل ڪرڻ گھرجي جيڪي ڄاڻي واڻي ٻين جي لاءِ تڪليف جو سامان ڪنديون آهن. ياد رکو! هتي دُنيا ۾ جنهن جو حق ضايع ڪيو هجي، جيڪڏهن ان سان معافي تلافي جي ترڪيب دنيا ۾ نه ٿي ته قيامت جي ڏينهن ان حق واري کي نيڪيون ڏيڻيون پونديون. جيڪڏهن انهي طرح به حق ادا نه ٿيو ته ان جي گناهن جو بار پنهنجي ذمي کڻڻو پوندو. مثلاً ٭ جنهن بلا عُذر شرعي ڪنهن کي ڇڙٻ ڏني هوندي، ٭ ڪاوڙ ۾ ڏسي ڪنهن کي ڊيڄاريو هوندو ٭ دل ڏکائي هوندي ٭ ڪنهن کي ماريو هوندو ٭ ڪنهن جا پيسا ڦٻايا هوندا ٭ مطلب ته! ماڻهن جا حق ضايع ڪرڻ واري ڀلي دنيا ۾ نمازون پڙهندي هجي، حج، عمرا ڪندڙ هجي، تمام گهڻين خيراتن جي عادي هجي، ۽ وڏيون وڏيون نيڪيون ڪندي هجي، پر قيامت جي ڏينهن ان جون عبادتون اهي کڻي وينديون جنهن کي هن ناحق نقصان پهچايو هوندو، يا بلا اجازت شرعي ڪنهن به طرح ان جي دل آزاري جو سبب بڻي هوندي، ۽ ائين ٻين جي حق تلفي ڪرڻ جي سبب، نيڪيون ڪرڻ جي باوجود ان کي جهنم ۾ وڃڻو پئجي ويندو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد